Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 121:4 - Muslim Sindhi Bible

4 هائو، اسان بني اسرائيل جي محافظ کي ننڊ تہ ڇڏيو پر ننڊ جو جھوٽو بہ ناهي ايندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 ڏسو، اسرائيل جو سنڀاليندڙ نڪي جهوٽو کائيندو نڪي ننڊ ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 121:4
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن منجھند ٿي تہ الياس هنن تي ٺٺوليون ڪري چوڻ لڳو تہ ”اڃا وڏي آواز سان سڏيوس. واہ جو هو معبود آهي! شايد ڪنهن گَهري سوچ ۾ آهي، يا ڪنهن ڪم ۾ رڌل آهي، يا ڪنهن سفر تي ويو آهي، يا شايد هو سمهيو پيو هجي، سو کيس جاڳڻ گھرجي.“


جيڪڏهن خداوند ئي گھر اَڏائڻ نہ چاهي، تہ پوءِ اُهي جيڪي گھر جوڙين ٿا تن جي محنت اجائي آهي. جيڪڏهن خداوند شهر جي سنڀال نہ ڪري، تہ پوءِ چوڪيدار جو جاڳڻ بہ بلڪل اجايو آهي.


خداوند منهنجي روشني ۽ منهنجو بچاءُ آهي. پوءِ ڇو آءٌ ڪنهن کان ڊڄان؟ خداوند منهنجي جاءِ‌پناهہ آهي. پوءِ ڇو آءٌ ڪنهن جو ڊپ رکان؟


مون ڏاڍي ڪوشش ڪئي تہ آءٌ هن دنيا جي هر ڳالهہ کي پرکي ڏاهپ حاصل ڪريان، ايتري قدر جو ننڊ آرام ڪرڻ کان سواءِ ڏينهن رات سوچيندو رهيس.


آءٌ خداوند انهيءَ باغ جي نگهباني ڪريان ٿو، ۽ انهيءَ کي پاڻي ڏيندو رهان ٿو. آءٌ رات ڏينهن انهيءَ جي حفاظت ڪريان ٿو، تہ متان ڪو انهيءَ کي نقصان پهچائي.


انهيءَ ڪري هي خدا جي تخت جي اڳيان آهن ۽ سندس هيڪل ۾ رات ڏينهن سندس عبادت پيا ڪن ۽ جيڪو تخت تي ويٺو آهي، سو هنن جي مٿان تنبوءَ وانگر ڇانوَ ڪندو ٿو رهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ