Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 12:7 - Muslim Sindhi Bible

7-8 اي خداوند! بڇڙا ماڻهو هر طرف گھمن ڦرن ٿا، ۽ بني آدم ۾ ڪميڻائيءَ جو قدر گھڻو وڌي ويو آهي. سو تون اسان جي سار سنڀار لهج، ۽ اهڙن ماڻهن کان هميشہ اسان جي حفاظت ڪندو رهج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 اي خداوند، تون ئي انهن کي سنڀاليندين، تون ئي انهن کي هن زماني جي ماڻهن کان هميشہ جي لاءِ بچائيندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 12:7
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مظلومن ۽ يتيمن جون دانهون ٻڌي، تون سندن اهڙو انصاف ڪندين، جو مٽيءَ مان ٺهيل ڪو انسان وري ڪنهن تي ظلم نہ ڪري.


تنهنجو واعدو بلڪل سچو آهي، تنهنڪري تنهنجو هي بندو انهيءَ کي پيار ڪري ٿو.


خداوند هر ڪم ۾ ۽ هر هنڌ تنهنجي حفاظت ڪندو. هائو، هو هينئر کان هميشہ هميشہ تائين تنهنجي حفاظت ڪندو.“


خداوند انهن سڀني جي حفاظت ٿو ڪري، جيڪي کيس پيار ٿا ڪن. پر هو سڀني بڇڙن کي فنا ڪري ڇڏيندو.


اي خدا! تون منهنجي حفاظت ڪجانءِ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تنهنجي ئي پناهہ ٿو وٺان.


ڇا خداوند کان سواءِ ڪو ٻيو خدا بہ آهي؟ ڇا اسان جي خدا کان سواءِ ڪو ٻيو محافظ بہ آهي؟


خداوند جو خوف رکڻ ۾ پاڪيزگي رهي ٿي، سندس خوف هميشہ هميشہ تائين رکيو ويندو. خداوند جا فيصلا برحق ۽ سڀ جو سڀ سچا آهن.


جيئن تہ خداوند انصاف کي پسند ٿو ڪري، سو هو پنهنجي نيڪ بندن کي ڇڏي ڪين ٿو ڏئي. بيشڪ سچارن جي هميشہ حفاظت ڪئي ويندي، پر بڇڙن ماڻهن جو نسل برباد ڪيو ويندو.


ھائو، خداوند انهن جي مدد ڪري ٿو. هو بڇڙن کان ڇڏائي کين بچائي ٿو، ڇاڪاڻ تہ هنن خداوند وٽ اچي پناهہ ورتي آهي.


آءٌ خداوند انهيءَ باغ جي نگهباني ڪريان ٿو، ۽ انهيءَ کي پاڻي ڏيندو رهان ٿو. آءٌ رات ڏينهن انهيءَ جي حفاظت ڪريان ٿو، تہ متان ڪو انهيءَ کي نقصان پهچائي.


يحيٰ جڏهن ڏٺو تہ ڪيترائي فريسي ۽ صدوقي بپتسما وٺڻ لاءِ اچي رهيا آهن، تڏهن انهن کي چيائين تہ ”اي نانگ جا ٻچؤ! اوهان کي ڪنهن ٻڌايو آهي تہ اوهين خدا جي ايندڙ غضب کان بچي سگھندا؟


خداوند کي پنهنجي قوم سان محبت آهي، ۽ اهي چونڊيل ماڻهو سندس حفاظت منجھہ آهن. اهي سڀيئي هن جي تابعداري ڪندي سندس هدايتن تي هلن ٿا.


اوهين خدا جي قدرت سان ايمان جي وسيلي حفاظت ۾ آهيو، ايستائين جو اهو مڪمل ڇوٽڪارو حاصل ڪريو جيڪو آخري ڏينهن تي ظاهر ٿيڻ لاءِ تيار آهي.


هي خط مون يهوداہ جي طرفان آهي، جيڪو عيسيٰ مسيح جو ٻانهو ۽ يعقوب جو ڀاءُ آهيان. هي انهن ڏانهن لکجي ٿو، جيڪي خدا پيءُ جي پيار ۽ عيسيٰ مسيح جي حفاظت ۾ رهڻ لاءِ سڏيا ويا آهن.


هو پنهنجي نيڪ بندن جي حفاظت ڪندو رهي ٿو، ۽ بدڪارن کي اونداهيءَ ۾ فنا ڪريو ڇڏي. ڪوبہ انسان پنهنجي قوت سان سوڀارو ڪين ٿو ٿئي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ