Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 12:1 - Muslim Sindhi Bible

1 اي خداوند! اسان جي مدد ڪر، ڇاڪاڻ تہ ڪو نيڪ ماڻهو نہ رهيو آهي. هائو، بني آدم مان ايماندار بلڪل گم ٿي ويا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 اي خداوند، مدد ڪر، ڇو جو ڪوبہ ديندار ماڻهو ڪونہ رهيو آهي؛ بني آدم منجهان ايماندار ماڻهو گهٽجي ويا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 12:1
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خدا دنيا تي نظر ڪئي ۽ ڏٺائين تہ اها خراب ٿي ويئي آهي، ڇاڪاڻ تہ سڀني ماڻهن جي هلت چلت بڇڙي ٿي ويئي هئي.


۽ متتياہ، الفلهو، مقنياہ، عوبيدادوم، يعي‌ايل، عززياہ ڳائيندڙن جي رهنمائي ڪرڻ لاءِ نيچي سر تي تار وارا ساز وڄائڻ تي مقرر ٿيا.


اُٿ اي خداوند، منهنجا خدا! مون کي بچاءِ، منهنجي دشمنن جي منهن تي مڪ وهائي ڪڍ. هائو، انهن بڇڙن ماڻهن جا ڏند ڀڃي ڇڏ.


اي خدا! تون پنهنجي جلال کي ظاهر ڪري مون کي بچاءِ. هائو، پنهنجيءَ قدرت سان تون منهنجو انصاف ڪر.


اي خداوند! تون پنهنجي غضب سان مون کي ڇينڀ نہ ڪڍ، نڪي وري پنهنجي قهر وَ غضب سان مون کي ڪا سيکت ڏي.


اي خداوند! مون تي مهر جي نظر ڪري منهنجي جان ڇڏاءِ. تون پنهنجي دائمي شفقت جي ڪري مون کي بچائي وٺ،


هر ڪو ماڻهو پاڻ کي سچار ۽ ايماندار پيو چوائي، پر جيڪي سچ پچ ايماندار آهن، تن کي ڳولڻ ڏکيو ڪم آهي.


جيڪڏهن قادرِمطلق خداوند هنن ٿورن ماڻهن کي باقي نہ بچائي ها، تہ جيڪر يروشلم بہ سدوم ۽ عموراہ شهرن جيان برباد ٿي وڃي ها.


سچار ماڻهو ماريا ٿا وڃن، ۽ ڪوبہ انهيءَ ڳالهہ کي ڌيان ۾ نہ ٿو آڻي. نيڪ ماڻهو هن دنيا مان ختم ٿيندا ٿا وڃن، ۽ ڪوبہ انهيءَ بابت نہ ٿو سوچي. هائو، هِت سچار ماڻهو قيد ٿيو وڃن، جڏهن تہ بڇڙا ماڻهو ڇٽيو وڃن.


عدالت ۾ اوهين سچائيءَ سان وڪالت نہ ٿا ڪريو، نڪي وري اوهان جا دليل سچ تي ٻڌل آهن، بلڪ اوهين ڪوڙ ٿا ڳالهايو، ۽ رڳو هوائي ڳالهيون ٿا ڪريو. جيئن تہ اوهان جي دلين ۾ دغا آهي، سو اوهين ٻين کي نقصان رسائڻ جون سازشون پيا ڪريو.


آءٌ اهو ڏسي حيران ٿي ويو هئس تہ اتي منهنجي مدد ڪرڻ يا هٿي ڏيڻ وارو ڪوبہ ڪونہ هو. تڏهن منهنجي غصي مون کي هٿي ڏني، ۽ مون پنهنجي قدرت سان اها جنگ کٽي ورتي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اوهين يروشلم جون گھٽيون گھمي جاچي ڏسو، چونڪن ۾ تلاش ڪري ڏسو. جيڪڏهن اوهان کي ڪو هڪڙو اهڙو ماڻهو ملي، جيڪو ايمانداريءَ واري هلت ڪندو هجي ۽ حق سچ جو ڳولائو هجي، تہ پوءِ آءٌ يروشلم شهر کي معاف ڪري ڇڏيندس.


پر جڏهن هن طوفان ڏٺو تہ ڊڄي ويو ۽ ٻڏڻ لڳو. ڊپ مان وٺي رڙيون ڪيائين تہ ”اي خداوند! بچاءِ، بچاءِ.“


بڇڙائي وڌي وڃڻ ڪري گھڻن ئي جو پيار ٿڌو ٿي ويندو.


تڏهن شاگردن کيس جاڳائي چيو تہ ”اي استاد! جلدي ڪر بچاءِ! اسين ٻڏڻ تي آهيون.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ