2 بيشڪ اهي سڀاڳا آهن جيڪي سندس حڪمن تي ٿا هلن، ۽ دل وَ جان سان سندس طالبو آهن.
2 مبارڪ آهن اهي جي هن جون شاهديون ٿا مڃين، ۽ پوريءَ دل سان سندس ڳولا ٿا ڪن.
خداوند پنهنجي خدا جي حڪمن جو خيال ڪجانءِ. انهيءَ جي واٽ تي هلجانءِ. سندس حڪمن ۽ قاعدن قانونن تي عمل ڪجانءِ، جيڪي موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهن، انهيءَ لاءِ تہ جيئن جيڪي بہ تون ڪرين ۽ جيڏانهن بہ تون وڃين، ڪاميابي حاصل ڪرين.
هاڻ اوهين پنهنجي دل وَ جان سان خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ڪريو. هاڻ اُٿو ۽ خداوند خدا جي لاءِ هڪ عبادتگاهہ ٺاهيو، تہ جيئن اوهان خداوند جي عهد واري صندوق ۽ خدا جا پاڪ ٿانوَ آڻي انهيءَ گھر ۾ رکي سگھو، جيڪو خداوند جي نالي تي تعمير ڪيو ويندو.“
جيڪو بہ ڪم هن خدا جي گھر جي خدمت لاءِ يا شريعت تي عمل ڪرڻ لاءِ ڪيو، سو خدا جي طلب رکندي دل وَ جان سان ڪيائين. تنهنڪري هو هر ڪم ۾ ڪامياب رهيو.
خدا هي سڀ انهيءَ لاءِ ڪيو، تہ جيئن سندس قوم سندس قاعدن قانونن ۽ حڪمن تي عمل ڪري. خداوند جي واکاڻ ڪريو.
سو مون دل وَ جان سان تنهنجي طلب ڪئي آهي. اي خداوند! تون مون کي پنهنجي حڪمن کان ڀٽڪڻ نہ ڏجانءِ.
مون پنهنجا قدم هر بُري واٽ کان پري رکيا آهن، تانتہ آءٌ تنهنجي فرمان تي هلندو رهان.
سو اوهين، اي بدڪار ماڻهو! مون کان ڀڄي پري ٿيو، آءٌ پنهنجي خدا جي احڪامن تي عمل ڪندو رهندس.
آءٌ تو کي فرياد ٿو ڪريان، مون کي بچائي وٺ، تہ آءٌ تنهنجي شريعت تي عمل ڪندو رهندس.
تون پنهنجي هن بندي تي پنهنجو جھجھو احسان ڪر، تانتہ آءٌ جيئرو رهان ۽ تنهنجي فرمان تي عمل پيو ڪريان.
تون انهن کي مون تي ملامت ڪرڻ ۽ ڌڪارڻ نہ ڏي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تنهنجي قاعدن قانونن تي عمل ڪريان ٿو.
اي خداوند! مون کي پنهنجي قانونن جي راهہ ٻڌاءِ، آءٌ پوريءَ طرح انهيءَ تي هلندو رهندس.
هائو، مون کي سمجھہ عطا ڪر تہ تنهنجي شريعت تي عمل ڪريان، ۽ پنهنجي دل وَ جان سان انهيءَ تي هلندو رهان.
اي خداوند! تون ئي تہ منهنجو سڀ ڪجھہ آهين. آءٌ واعدو ٿو ڪريان تہ تنهنجي شريعت تي عمل ڪندو رهندس.
مغرور ماڻهو مون تي تهمتون ٿا هڻن، پر آءٌ پنهنجي پوريءَ دل سان تنهنجي قاعدن تي هلندو رهان ٿو.
تون پنهنجي دائمي ٻاجھہ موجب مون کي حياتي بخش، تانتہ آءٌ تنهنجي زبان جي حڪمن تي عمل ڪندو رهان.
اي خداوند! جيڪي تنهنجي عهد تي، ۽ تنهنجي قاعدن قانونن تي عمل ٿا ڪن، تن جي تون وفا ۽ دائمي شفقت سان رهنمائي ٿو ڪرين.
اي منهنجا ٻارؤ! مون ڏانهن پورو پورو ڌيان ڏيو، ۽ دل وَ جان سان منهنجي نقشِقدم تي هلو.
اوهين منهنجا طالبو ٿيندا، هائو، جڏهن اوهين پوريءَ دل وَ جان سان منهنجا طالبو ٿيندا، تڏهن آءٌ اوهان سان پرچي پوندس.
آءٌ پنهنجو روح اوهان منجھہ وجھندس ۽ اوهان کان پنهنجي قاعدن قانونن جي پيروي ڪرائيندس. هائو، پوءِ اوهين منهنجي حڪمن جي تابعداري ڪندي انهن تي عمل ڪندا.
تنهن تي عيسيٰ کيس وراڻيو تہ ”جيڪو مون سان پيار ڪري ٿو سو منهنجي ڳالهين تي عمل ڪندو ۽ منهنجو پيءُ هن سان پيار ڪندو. آءٌ ۽ منهنجو پيءُ هن وٽ اچي ساڻس گڏجي رهنداسون.
پر اتي جيڪڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جا طالبو ٿيندا تہ هو اوهان سان پرچي پوندو، پر شرط هي آهي تہ اوهين پوريءَ دل وَ جان سان سندس طالبو ٿيو.
اوهين خداوند پنهنجي خدا جا حڪم ۽ قاعدا قانون، جن جو هن اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تن تي سختيءَ سان عمل ڪندا رهجو.
سو اوهين خداوند پنهنجي خدا کي پنهنجي پوريءَ دل، پنهنجي پوريءَ جان ۽ پنهنجي پوريءَ طاقت سان پيار ڪريو.