155 بيشڪ بدڪار ماڻهن کي نہ بچايو ويندو، ڇاڪاڻ تہ اهي تنهنجي قاعدن قانونن جي طلب ئي نہ ٿا ڪن.
155 نجات بدڪارن کان پري آهي؛ ڇو جو اهي تنهنجي قانونن کي نٿا ڳولين.
هن جا ٻار ٻچا سلامتيءَ کان پري آهن، کين عدالت جي دروازي تي ئي چيڀاٽيو وڃي ٿو، ۽ ڪوبہ کين ڇڏائڻ وارو ڪونهي.
بڇڙا غرور منجھان چون ٿا تہ ”خداوند انتقام نہ وٺندو،“ اهو سراسر سندن خيال آهي تہ ”خدا بلڪل ئي ڪين آهي.“
نماڻن ماڻهن کي تون ئي بچائين ٿو، ۽ مغروريءَ سان هلڻ وارن کي هيٺ ڪيرائين ٿو.
خداوند جو خوف رکو، ڇاڪاڻ تہ اها ئي سمجھہ جي شروعات آهي. جيڪي ڏاهپ ۽ سٺي تربيت حاصل ڪرڻ کان انڪار ٿا ڪن سي بيعقل آهن.
اي اوهين سخت دل وارؤ! اوهين جيڪي سمجھو ٿا تہ منهنجي سڏيل شخص جو بابل کي فتح ڪرڻ وارو ڏينهن پري آهي، سي منهنجي ڳالهہ ٻڌو.
جنهن جو قول پنهنجو پاڻ فعل جي صورت اختيار ٿو ڪري، آءٌ اهو ئي خداوند چوان ٿو تہ آءٌ سڀني کي سلامتي بخشيندس، توڙي اهي ويجھو هجن يا پري. هائو، آءٌ پنهنجي قوم کي ضرور بحالي عطا ڪندس.
اسين سڀ پريشانيءَ وچان رڇن وانگر روڙون ٿا ڪريون، ۽ ڳيرن وانگر اوساريون ٿا. اسين انصاف جي واٽ ڳوليون ٿا، پر اها نہ ٿي لڀي. اسين انتظار ۾ آهيون تہ اسان کي بچايو وڃي، پر اسان جو بچاءُ اسان کان دور آهي.
تڏهن هن رڙ ڪري چيو تہ ’اي بابا ابراهيم! مون تي رحم ڪريو ۽ لعزر کي موڪليو تہ آڱر جي چوٽي پاڻيءَ ۾ ٻوڙي منهنجي ڄڀ کي ٺاري، ڇاڪاڻ تہ آءٌ هن باهہ جي سخت عذاب ۾ آهيان.‘
ڪوبہ سمجھو نہ آهي، ڪوبہ خدا جو طالبو نہ آهي.