8-9 ڪو فاني انسان، پوءِ اهو وڏو سردار ئي ڇونہ هجي، تنهن تي آسرو رکڻ کان، خداوند تي توڪل ڪرڻ وڌيڪ بهتر آهي.
8 خداوند تي ڀروسو رکڻ انسان تي آس رکڻ کان چڱو آهي.
تنهن تي لابن چيس تہ ”آءٌ تو کي ڇا ڏيان؟“ يعقوب وراڻيس تہ ”توهين مون کي ڪجھہ بہ نہ ڏيو، جيڪڏهن توهين منهنجو هي عرض قبول ڪندا تہ آءٌ وري بہ توهان جو ڌڻ چاريندس ۽ ان جي سنڀال ڪندس.
اوهين دنيا جي سردارن، بلڪ ڪنهن بہ بني بشر تي ڪو ڀروسو نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اهي اوهان کي بچائي نہ ٿا سگھن.
بيشڪ اهي انسان سڀاڳا آهن، جيڪي خداوند تي توڪل ٿا رکن، ۽ مغرورن ۽ ڪُوڙن معبودن ڏانهن مائل ڪين ٿا ٿين.