6 جيئن تہ خداوند مون سان آهي، سو آءٌ ڊڄڻ وارو نہ آهيان. انسان مون کي ڇا ڪري سگھندو؟
6 خداوند منهنجي پاسي آهي ۽ آءٌ ڪين ڊڄندس: انسان مون کي ڇا ڪندو؟
بيشڪ اهي ڊڄڻ وارا ناهن، بلڪ خدا تي سندن يقين ايترو تہ پختو آهي، جو اهي پنهنجي دشمنن کي خوار خراب ٿيندو ڏسندا.
سڀاڳا آهن اهي ماڻهو، جن جو مددگار يعقوب جو خدا آهي، ۽ جن کي خداوند پنهنجي خدا تي ئي اميد آسرو آهي.
توڙي جو کڻي آءٌ موت جي پاڇي وارين وادين مان لنگھندس، تڏهن بہ آءٌ ڪنهن کان ڪين ڊڄندس، ڇوجو تون مون سان آهين. هائو، تنهنجي لٺ ۽ لڪڻ منهنجي دلجاءِ جو سبب آهن.
خدا اسان جي پناهہ ۽ اسان جي طاقت آهي. اهو مصيبت جي وقت تي هر دم تيار مددگار آهي.
قادرِمطلق خداوند اسان سان گڏ آهي. اهو ئي يعقوب جو خدا اسان جي پناهہ آهي.
خداوند خدا جنهن جي واعدي تي مون کي فخر آهي،
تنهن تي ئي منهنجي توڪل آهي سو آءٌ بلڪل نہ ڊڄندس. انسان جيڪو فاني آهي سو مون کي ڇا ڪري سگھندو؟
اي خدا! جيڪي باسون مون تو وٽ باسيون هيون، سي آءٌ تنهنجي حضور ۾ شڪرگذاريءَ جي قربانين طور پيش ڪندس.
خدا جنهن جي واعدي تي مون کي فخر آهي، تنهن تي ئي منهنجي توڪل آهي سو آءٌ بلڪل نہ ڊڄندس. انسان جيڪو فاني آهي سو مون کي ڇا ڪري سگھندو؟
منهنجا دشمن سڄو ڏينهن منهنجي لفظن جي ابتي معنيٰ ڪڍن ٿا. هنن جو سڄو خيال منهنجي خلاف بڇڙائي ڪرڻ ڏانهن آهي.
آءٌ جڏهن تو کي پڪاريندس تہ منهنجا دشمن پوئتي هٽي ويندا. انهيءَ مان مون کي يقين ٿيندو تہ تون خدا منهنجي پاسي آهين.
ڪنهن وقت منهنجي مدد ڪرڻ واسطي انهن بدڪارن سان منهن ڏيڻ وارو ڪوبہ ڪونہ هو.
خداوند پنهنجي قوم کي فرمائي ٿو تہ ”آءٌ، هائو، آءٌ ئي اوهان کي دلداري ڏيندڙ آهيان. پوءِ اوهين ڇو ڪنهن فاني انسان ۽ بني آدم کان ٿا ڊڄو، جيڪو گاهہ جيان سڪي سڙي ويندو؟
پر اي خداوند! تون هڪڙي زورآور بهادر جيان مون سان گڏ آهين. تنهنڪري منهنجا ستائيندڙ ٿاٻڙجي پوندا، ۽ مون تي غالب نہ ايندا. هو ناڪام ٿيندا ۽ تمام گھڻو خوار خراب ٿيندا. هنن جي خواري هميشہ تائين رهندي ۽ ڪڏهن بہ نہ وساري ويندي.
سو انهن سڀني ڳالهين جي نتيجي ۾ اسين ڇا چئون؟ جيڪڏهن خدا اسان سان آهي تہ ڪير اسان جو مخالف ٿي سگھندو؟
تنهنڪري اسين پوري يقين سان چئي ٿا سگھون تہ ”خداوند منهنجو مددگار آهي، سو آءٌ ڪين ڊڄندس. انسان مون کي ڇا ٿو ڪري سگھي؟“
سائول ۽ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن جڏهن انهيءَ فلستيءَ جون اهي ڳالهيون ٻڌيون تڏهن کين دهشت وٺي ويئي ۽ هو تمام گھڻو ڊنا.
دائود وڌيڪ چيو تہ ”جنهن خداوند مون کي شينهن توڙي رڇن جي چنبن کان بچائي ورتو، سو ئي مون کي هن فلستيءَ جي هٿان بہ بچائيندو.“ تڏهن سائول چيس تہ ”وڃ، شل خداوند تو ساڻ هجي.“