4 بلڪ خداوند جي بندگي ڪرڻ وارا سڀ چون تہ ”سندس رحم ابد تائين قائم آهي.“
4 جن کي خداوند جو ڊپ آهي سي ڀلي تہ چون، تہ هن جو رحم هميشہ تائين آهي.
بيشڪ خداوند مهربان آهي، سندس شفقت ابدي شفقت آهي، ۽ سندس وفا پيڙهي بہ پيڙهي قائم رهندي.
اي بني اسرائيل! اوهين خداوند تي ئي ڀروسو رکو، اهو ئي اوهان جو مددگار ۽ اوهان جو محافظ آهي.
خداوند جو شڪرانو ڪريو، ڇاڪاڻ تہ هو ڀلو آهي، سندس رحم ابد تائين قائم آهي.
”اي خداوند جو خوف رکڻ وارؤ! اوهين سندس تعريف ڪريو. اي يعقوب جو اولاد! اوهين هن جي بزرگي بيان ڪريو. هائو، اوهين سڀ اي اسرائيل جو اولاد! هن جي تعظيم ڪريو.
ان وقت تخت جي پاسي کان هڪڙو آواز آيو تہ ”اي خدا جا ٻانهؤ، ننڍؤ توڙي وڏؤ! اوهين جيڪي سندس خوف ٿا رکو، سي سڀ اسان جي خدا جي واکاڻ ڪريو.“