22 ”جنهن پٿر کي رازن رد ڪري ڇڏيو هو، سو ئي پيڙهہ جو پٿر ٿيو آهي.
22 جنهن پهڻ کي اڏيندڙن رد ڪري ڇڏيو سو ئي ڪنڊ جو پٿر يعني مکيہ ڪيو ويو.
تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي تہ ”ڏسو، آءٌ صيئون ۾ بنياد رکڻ لاءِ هڪڙو مضبوط پيڙهہ جو پٿر رکان ٿو، جيڪو نهايت اهم ۽ ڀروسي جهڙو هوندو. جيڪو بہ انهيءَ تي يقين ڪندو، تنهن کي ڪڏهن بہ لوڏو نہ ايندو.
جبل جيڏيون رڪاوٽون بہ تنهنجي اڳيان پٽ پڌر ٿي وينديون. تون هيڪل ٺهرائيندين ۽ جڏهن تون هيڪل جي چوٽيءَ تي آخري پٿر آڻي رکندين، تڏهن ماڻهو نعرا هڻي چوندا تہ ’خدا جو شڪر آهي! خدا جو شڪر آهي!‘“
عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”ڇا اوهان پاڪ ڪلام ۾ ڪڏهن اهو نہ پڙهيو آهي تہ ’جنهن پٿر کي رازن رد ڪري ڇڏيو هو، سو ئي پيڙهہ جو پٿر ٿيو آهي. اهو خداوند جي طرفان ڪيو ويو آهي، اها اسان لاءِ ڪهڙي نہ عجيب ڳالهہ آهي!‘“
عيسيٰ انهن ڏانهن نهاري چيو تہ ”هي جيڪو پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي، سو ڀلا ڇا معنيٰ ٿو رکي تہ ’جنهن پٿر کي رازن رد ڪري ڇڏيو هو، سو ئي پيڙهہ جو پٿر ٿيو آهي.‘
عيسيٰ اهو آهي جنهن لاءِ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ’جنهن پٿر کي اوهان رازن حقير ٿي ڄاتو، سو ئي پيڙهہ جو پٿر ٿيو آهي.‘