20 ”هي خداوند جو دروازو آهي، بيشڪ انهيءَ ۾ سچار ماڻهو داخل ٿي سگھن ٿا.“
20 خداوند جو دروازو اهو آهي؛ راستباز انهيءَ ۾ داخل ٿيندا
اي هيڪل جا دروازؤ! اوهين پنهنجا سردر مٿي ڪريو. هائو، اي قديم دروازؤ! اوهين بلڪل اوچا ٿيو، تانتہ جلال وارو بادشاهہ اندر اچي.
شهر جا دروازا کوليو، تہ جيئن اهي ماڻهو اندر اچن، جيڪي خدا سان وفادار آهن، ۽ حق جي راهہ تي قائم ٿا رهن.