Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 118:17 - Muslim Sindhi Bible

17 هاڻ آءٌ مرڻ کان بچي ويو آهيان. سو جيئرو رهي آءٌ خداوند جي قدرت بيان ڪندو رهندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 آءٌ مرندس ڪين پر جيئرو رهندس، ۽ خداوند جي ڪمن جو بيان ڪندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 118:17
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهين خداوند آڏو شڪرگذاريءَ واريون قربانيون پڻ پيش ڪريو، ۽ گيت ڳائيندي سندس ڪمن جو بيان ڪريو.


تنهنجا ٻڌايل اهي قاعدا آءٌ پنهنجي زبان سان ٻين آڏو بيان ڪندس.


هڪڙي پيڙهي ٻي پيڙهيءَ سان تنهنجي ڪمن جي تعريف پيئي ڪندي، هائو، اهي تنهنجي قدرت وارن ڪمن جو بيان ڪندا رهندا.


مون تنهنجي سچائيءَ وارن ڪمن کي پنهنجيءَ دل ۾ لڪائي نہ رکيو آهي، بلڪ تنهنجي وفا ۽ بچائڻ وارن ڪمن کي ظاهر ڪيو اٿم. مون هيڪل جي وڏي گڏجاڻيءَ کان تنهنجي دائمي شفقت ۽ وفا ڳجھي ڪين رکي آهي.


اي خداوند، منهنجا خدا! تو گھڻا ئي عجيب ڪم ڪيا آهن. اسان جي لاءِ تدبيرون ڪرڻ ۾ تو مثل ڪو ئي ناهي. اسان لاءِ تنهنجا ڪيل ڪم ايترا تہ بي‌شمار آهن، جو آءٌ پنهنجي سڄي حياتي بہ انهن سڀني کي بيان ڪري نہ ٿو سگھان.


ڇاڪاڻ تہ موت جي دنيا ۾ ڪوبہ ناهي جيڪو تو کي ياد ڪري. هائو، برزخ جي اندر ڪير آهي جيڪو تنهنجي واکاڻ ڪري؟


پر مون لاءِ اهو چڱو آهي جو آءٌ تو کي ويجھو ٿيان. تو خداوند خدا کي ئي مون پنهنجي پناهہ بڻايو آهي، تان‌تہ آءٌ تنهنجي سڀني ڪيل ڪمن جو بيان ڪريان.


سو اي بني اسرائيل وارؤ! ائين ڪرڻ سان خداوند اسان کي بي‌ڏوهي ثابت ڪيو آهي، تنهنڪري اچو تہ هلون ۽ هلي يروشلم ۾ ٻڌايون تہ خداوند اسان جي خدا ڇا ڪيو آهي.


اي خداوند، منهنجا خدا! اي منهنجا پاڪ خدا! ڇا تون ازل کان ناهين؟ ڇا تون ابد تائين نہ رهندين؟ اي خداوند! تو انهن بابلين کي مقرر ڪيو آهي تہ اهي اسان تي فتويٰ جاري ڪن. اي اسان جا محافظ! تو کين مقرر ڪيو آهي تہ هو اسان کي سزا ڏين.


عيسيٰ اهو ٻڌي چيو تہ ”لعزر جي اها بيماري موت واري نہ آهي، بلڪ خدا جي عظمت ظاهر ٿيڻ لاءِ آهي، تہ جيئن انهيءَ سان سندس فرزند جي بہ عظمت ٿئي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ