Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 117:2 - Muslim Sindhi Bible

2 اسان تي خداوند جي وڏي شفقت آهي، ۽ سندس وفا ڪڏهن بہ ختم نہ ٿيندي. خداوند جي واکاڻ ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ڇالاءِ جو اسان تي هن جو گهڻو رحم آهي؛ ۽ خداوند جي سچائي هميشہ تائين آهي. خداوند جي تعريف ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 117:2
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيترو آسمان زمين کان مٿي آهي، اوتري ئي انهن تي خداوند جي رحمت جھجھي آهي، جيڪي سندس خوف رکن ٿا.


انهيءَ ئي خداوند زمين، آسمان ۽ سمنڊ کي ۽ جيڪي ڪجھہ انهن ۾ آهي تنهن کي پيدا ڪيو آهي. هو پنهنجي واعدن کي هميشہ قائم رکي ٿو.


هاڻ دائمي شفقت ۽ وفاداري ٻيئي اچي گڏبيون. هاڻ سچائي ۽ سلامتي ٻيئي ڀاڪر پائي ملنديون.


اي خداوند! شل تنهنجي لافاني شفقت جا گيت آءٌ سدائين ڳائيندو رهان. شل پيڙهي بہ پيڙهي آءٌ تنهنجي وفا بيان ڪندو رهان.


اي خداوند! تون منهنجو خدا آهين. آءٌ تنهنجي وڏائي بيان ڪندس، ۽ تنهنجي نالي جي واکاڻ ڪندس، ڇاڪاڻ تہ تو اهي عجيب وَ غريب ڪم بلڪل ساڳئي نموني پورا ڪري ڏيکاريا آهن، جيئن تو قديم زمانن کان رٿي ڇڏيا هئا.


تو پنهنجي قوم، جيڪي ابراهيم ۽ يعقوب جو اولاد آهن، تن جي ابن ڏاڏن سان گھڻو اڳي وفا ۽ دائمي شفقت جو واعدو فرمايو هو، تن کي هاڻي تون انهيءَ واعدي موجب وري نئين سر نوازيندين.


عيسيٰ کيس وراڻيو تہ ”رستو، سچ ۽ زندگي آءٌ آهيان. منهنجي وسيلي کان سواءِ ڪوبہ پيءُ تائين پهچي نہ ٿو سگھي.


اهو عيسيٰ مسيح ئي آهي جيڪو پنهنجي ورتل بپتسما جي پاڻيءَ ۽ پنهنجي موت جي رت جي وسيلي خدا جي فرزند طور ظاهر ٿيو. هو نہ رڳو پاڻيءَ جي وسيلي، پر پاڻيءَ ۽ رت ٻنهي جي وسيلي ظاهر ٿيو. پاڪ روح جيڪو خود سچ آهي، سو اها شاهدي ڏئي ٿو،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ