1 اي سموريون قومون! خداوند جي واکاڻ ڪريو. اي دنيا جا سڀيئي رهاڪؤ! انهيءَ جي ساراهہ ڳايو.
1 اي سڀ قومون خداوند جي تعريف ڪريو؛ اي سڀ اُمتون سندس ساراهہ ڪريو.
شال سڀڪو ساهوارو خداوند جي واکاڻ ڪري. خداوند جي واکاڻ ڪريو.
اي ڌرتيءَ جا سڀيئي رهاڪؤ! خدا جي حضور ۾ خوشيءَ جو نعرو هڻو.
سڄي ڌرتي تو کي سجدو ڪندي ۽ تنهنجا گيت ڳائيندي. هائو، اُهي تنهنجي نالي جا گيت پيا ڳائيندا.“
اي خدا! شل ماڻهو تنهنجي تعريف ڪندا رهن! هائو، شل سڀيئي ماڻهو تنهنجي واکاڻ ڪندا رهن!
اي ڌڻي! سڀيئي قومون جن کي تو ئي خلقيو آهي، سي اچي تو کي سجدو ڪنديون. اهي سڀيئي تنهنجي نالي جي واکاڻ ڪنديون.
پاڪ ڪلام ۾ هيئن بہ چيل آهي تہ ”اي غير قومون! اوهين سڀيئي خداوند جي واکاڻ ڪريو. اي سڀيئي قومون! اوهين سندس ساراهہ ڪريو.“
اي خداوند! تو کان ڪير نہ ڊڄندو؟ تنهنجي نالي جي تعظيم ڪير نہ ڪندو؟ ڇاڪاڻ تہ رڳو تون ئي پاڪ آهين. سڀيئي قومون اچي تنهنجي اڳيان سجدو ڪنديون، ڇاڪاڻ تہ تنهنجي انصاف جا ڪم ظاهر ٿيا آهن.“
گھيٽڙي جي پيرن تي ڪرندي ئي اهي هڪڙو نئون گيت ڳائڻ لڳا تہ ”تون ئي اهو ويڙهوٽو وٺڻ ۽ انهيءَ جي مُهرن کي ٽوڙڻ جي لائق آهين، ڇاڪاڻ تہ تون ڪُٺو ويو هئين، ۽ تو پنهنجي رت سان سڀ ڪنهن قوم، قبيلي، ٻوليءَ ۽ ذات منجھان ماڻهن کي خدا جي لاءِ خريد ڪيو آهي.