Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 116:16 - Muslim Sindhi Bible

16 اي خداوند! آءٌ تنهنجو ئي ٻانهو آهيان، هائو، تنهنجو ٻانهو يعني تنهنجي ٻانهيءَ جو ٻار آهيان. تو ئي منهنجي موت جا بند کوليا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 اي خداوند سچ پچ آءٌ تنهنجو ٻانهو آهيان: آءٌ تنهنجو ٻانهو، ۽ تنهنجي ٻانهيءَ جو اولاد آهيان؛ تو منهنجا بند کوليا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 116:16
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو مون ڏانهن ڦِري مون تي رحم جي نگاهہ ڪر. پنهنجي هن ٻانهي کي پنهنجي طاقت عطا ڪر، ۽ پنهنجي ٻانهيءَ جي هن ٻار کي بچاءِ.


تون پنهنجيءَ ٻاجھہ مطابق منهنجي دشمنن کي فنا ڪر. هائو، جيڪي مون کي ڏک ٿا ڏين تن کي تون برباد ڪر، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تنهنجو ئي بندو آهيان.


آءٌ تنهنجو ئي بندو آهيان، مون کي سمجھہ عطا ڪر، تان‌تہ آءٌ تنهنجي سڄي شريعت کي ڄاڻي وٺان.


هي خط خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي ٻانهي مون يعقوب جي طرفان اوهان هنڌ هنڌ پکڙيل ماڻهن ڏانهن آهي، جيڪي خدا جا چونڊيل آهيو. آءٌ اوهان کي سلام ٿو چوان.


پر هاڻي اوهين گناهہ کان آزاد ڪيا ويا آهيو ۽ خدا جا غلام ٿيا آهيو، جنهن جو فائدو اوهان کي پاڪيزگيءَ جي صورت ۾ ملي ٿو ۽ انهيءَ جو نتيجو آهي دائمي زندگي.


ڏسو، جنهن خدا جو آءٌ ٻانهو آهيان ۽ جنهن جي آءٌ عبادت ٿو ڪريان، تنهن جو ملائڪ رات منهنجي ڀرسان ظاهر ٿيو


جيڪو منهنجي خدمت ڪرڻ چاهي سو منهنجي پيروي ڪري، تہ جيئن جتي آءٌ آهيان اتي منهنجو خدمتگار بہ هجي. منهنجو پيءُ انهيءَ کي عزت بخشيندو جيڪو منهنجي خدمت ڪندو.“


خداوند خدا مون کي پنهنجي روح سان ڀري ڇڏيو آهي. هن مون کي مخصوص ڪيو آهي تہ آءٌ وڃي مسڪينن کي خوشخبري ٻڌايان. هائو، هن مون کي موڪليو آهي تہ آءٌ دلشڪستن جي دلجوئي ڪريان، ۽ قيدين کي آزاديءَ جي ۽ باندين کي سندن بند کلڻ جي بشارت ڏيان.


اي خداوند! تو پنهنجي مرضيءَ موجب پنهنجي هن ٻانهي جي خاطر هي سڀ وڏا ڪم ڪيا آهن ۽ پنهنجي سڀني عظيم واعدن جو پڻ اظهار ڪيو اٿيئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ