Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 115:3 - Muslim Sindhi Bible

3 جڏهن تہ اسان جو خدا عرش عظيم تي آهي، ۽ هن کي جيڪي وڻي ٿو سو هو ڪري ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 اسان جو خدا آسمان ۾ آهي: هن کي جيڪي وڻيو سو سڀ ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 115:3
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇاڪاڻ تہ خداوند عظيم ۽ سڀني تعريفن جي لائق آهي. بيشڪ سڀني معبودن جي ڀيٽ ۾ خدا ئي تعظيم جي لائق آهي.


مگر هو پنهنجي ارادي تي قائم رهڻ وارو آهي، ڪوبہ کيس ڦيرائي نہ ٿو سگھي، جيڪي کيس وڻي ٿو، سو ئي ڪري ٿو.


خداوند پنهنجو تخت عرش عظيم تي قائم ڪيو آهي، هر شيءِ تي سندس ئي حڪومت هلي ٿي.


اي خداوند! تون جيڪو عرش عظيم تي تخت‌نشين آهين، هائو، آءٌ تو ڏانهن ئي پنهنجيون اکيون کنيو نهاريان ٿو.


آسمان ۾ توڙي زمين تي، بلڪ سمنڊ جي اونهاين ۾ تري تائين، خداوند کي جيڪي وڻي ٿو سو ئي هو ڪري ٿو.


اهو جيڪو عرش عظيم تي ويٺو آهي سو مٿن کلي ٿو. سندن انهن هيڻن منصوبن تي خداوند مٿن ٺٺوليون ٿو ڪري.


خدا جي حضور ۾ گيت ڳايو، ۽ سندس نالي جي تعريف ڪريو. جيڪو بادلن جو سوار آهي تنهن جو شان بيان ڪريو. جنهن جو نالو خداوند آهي تنهن جي حضور ۾ سرها ٿيو.


اهو آءٌ ئي آهيان جيڪو ڪنهن ڳالهہ جي شروعات ۾ ئي انهيءَ جي پڇاڙيءَ بابت آگاهہ ٿو ڪريان. جيڪي ڳالهيون اڃا ٿيون ئي ڪين آهن، تن بابت شروعات ۾ ئي مون ٻڌائي ڇڏيو آهي. آءٌ چوان ٿو تہ منهنجا منصوبا ناڪام نہ ويندا، بلڪ جيڪو آءٌ چاهيندس سو ضرور ٿيندو.


ماڻهو تو کي انساني معاشري مان هڪالي ڪڍندا ۽ تون جھنگلي جانورن سان وڃي رهندين. تون ڍڳن وانگر گاهہ چرندين ۽ ائين تو تي ست سال گذري ويندا، ايستائين جو تون قبول ڪرين تہ ماڻهن جي بادشاهت تي خدا تعاليٰ ئي حڪمراني ڪري ٿو. هو جنهن کي چاهي تنهن کي حاڪميت عطا ڪري ٿو.“


ڌرتيءَ جو هر ڪو باشندو هن جي آڏو ڪين جهڙو آهي، آسماني مخلوق هجي توڙي ڌرتيءَ وارا، تن سان هو جيئن چاهي تيئن ڪري ٿو. ڪوبہ ناهي جيڪو سندس هٿ روڪي سگھي، نڪي وري ڪو اهڙو آهي، جيڪو هن کان پڇي تہ ’تون هي ڇا ٿو ڪرين پيو؟‘


تہ پوءِ هن ريت دعا گھرو تہ ’اي اسان جا بابا! تون جيڪو آسمان تي آهين، شل تنهنجو نالو پاڪ مڃيو وڃي،


هاڻي شايد اوهان مان ڪو ائين چوي تہ ”جيڪڏهن اها ڳالهہ آهي جو ڪو خدا جي مرضيءَ جو مقابلو ڪري نہ ٿو سگھي، تہ پوءِ هو ڇو ٿو ماڻهن کي گنهگار قرار ڏئي؟“


خدا اسان کي بہ اڳي ئي پنهنجي لاءِ مخصوص ڪري مسيح ۾ شامل ڪيو. اهو خدا جي ارادي موجب ٿيو جيڪو انهن سڀني ڳالهين ۾ پنهنجي مرضي پوري ڪري ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ