2 ڇو اهي ڌاريون قومون اسان کي چون ٿيون تہ ”ڪٿي آهي اوهان وارو خدا؟“
2 ڌاريون قومون ڇو چون تہ هاڻي هنن جو خدا ڪٿي آهي؟
منهنجي هڏين ۾ ڄڻ تير ٿا چڀن، ڇاڪاڻ تہ منهنجا دشمن هر وقت مون کي طعنا هڻندي چون ٿا تہ ”تنهنجو خدا آهي ڪٿي؟“
پر مون کي دلگير ٿيڻ نہ کپي، نڪي منهنجي اندر ۾ ايڏي بيقراري هئڻ گھرجي، بلڪ منهنجي اميد خدا ۾ ئي قائم رهندي. هائو، آءٌ اڃا بہ انهيءَ جي ئي تعريف ڪندس، جيڪو منهنجو ڇڏائيندڙ ۽ منهنجو خدا آهي.
رات ڏينهن منهنجا لڙڪ ئي منهنجي خوراڪ آهن. جڏهن تہ مون کان هر وقت پڇيو ٿو وڃي تہ ”ڪٿي آهي تو وارو خدا؟“
هاڻ جڏهن آءٌ ماضيءَ کي ياد ٿو ڪريان تہ منهنجي دل روئڻ لاءِ ڀرجي اچي ٿي. ڪيئن نہ انبوہ سان گڏ سندن اڳواڻي ڪندي آءٌ تو خدا جي گھر ايندو هئس، هائو، عيد ملهائيندڙ انبوہ سان گڏ خوشيون ڪندي ۽ واکاڻ ڳائيندي.
غير قومون ڇو اسان کي ائين چون تہ ”ڪٿي آهي اوهان وارو خدا؟“ شال اهي غير قومون اسان جي آڏو تنهنجي قوم جي وهايل رت جو بدلو ڏين!
مصرين کي ائين چوڻ جو موقعو ڇو ملي تہ تون کين ٺڳيءَ سان هتان ڪڍي ويو آهين، انهيءَ لاءِ تہ هنن کي جبلن ۾ ماري وجھين ۽ کين سڄيءَ دنيا تان مِٽائي ڇڏين؟ سو تون پنهنجي غصي کي ٽاري ڇڏ ۽ پنهنجي قوم تي اها آفت آڻڻ واري ارادي کي ڇڏي ڏي.
اي ڪاهنؤ! اوهين هيڪل جي اڱڻ ۾ روئو رڙو، ۽ قربانگاهہ ۽ مقدس جاءِ جي وچ ۾ بيهي هيءَ دعا گھرو تہ ”اي خداوند! پنهنجيءَ قوم تي رحم ڪر. هائو، پنهنجي انهيءَ ميراث جي توهين ٿيڻ نہ ڏي. ڇو غير قومون اسان تي ٺٺوليون ڪندي چون تہ ’ڪٿي آهي اوهان جو خدا؟‘“