17 جڏهن تہ ماٺ جي دنيا ۾ لهي ويل مُڙدا خداوند جي واکاڻ ڪين ٿا ڪري سگھن.
17 مُردا خداوند جي تعريف نٿا ڪن، نڪي اهي جي هيٺ ماٺ جي عالم ۾ ٿا وڃن.
”اي خداوند! جيڪڏهن آءٌ قبر ۾ وڃي پوان، تہ پوءِ منهنجي موت مان تو کي ڪهڙو فائدو ٿيندو؟ ڇا پوءِ منهنجي قبر جي مٽي تنهنجي تعريف ڪندي؟ يا اها تنهنجي سچائيءَ کي پڌرو ڪندي؟
اي خداوند! آءٌ تو کان دعا ٿو گھران تہ تون مون کي شرمندو ٿيڻ نہ ڏجانءِ، بلڪ بدڪار ئي خوار خراب ٿين. تون کين خاموش ڪرائي قبر داخل ڪجانءِ.
ڇاڪاڻ تہ موت جي دنيا ۾ ڪوبہ ناهي جيڪو تو کي ياد ڪري. هائو، برزخ جي اندر ڪير آهي جيڪو تنهنجي واکاڻ ڪري؟
آءٌ تہ آهون ڀري ڀري بلڪل ٿڪجي پيو آهيان. هر رات آءٌ ڳوڙها وهائيندي وهائيندي هنڌ آلو ڪري ٿو ڇڏيان.
هو پنهنجي نيڪ بندن جي حفاظت ڪندو رهي ٿو، ۽ بدڪارن کي اونداهيءَ ۾ فنا ڪريو ڇڏي. ڪوبہ انسان پنهنجي قوت سان سوڀارو ڪين ٿو ٿئي،