16 آسمان تہ بيشڪ خداوند جي ئي هٿ هيٺ آهن، پر ڌرتي هُن اسان انسانذات کي ڏيئي ڇڏي آهي.
16 آسمان تہ خداوند جو آسمان آهي؛ پر زمين هن انسان کي ڏني آهي.
تنهن هوندي بہ اي خداوند! آسمان کي چيري هيٺ اچي نازل ٿيءُ. تون جبلن کي ڇُهُہ تہ انهن مان دونهون نڪري،
اي آسمانن جا آسمان! تون کيس واکاڻ پيو. اي آسمان کان مٿي وارا پاڻي! تون بہ انهيءَ کي سڳورو چئُہ.
تو هن کي پنهنجي ڪاريگريءَ تي اختيار ڏنو آهي، تو سڀني شين کي هن جي هٿ هيٺ ڪري ڇڏيو آهي.
بيشڪ آسمان تنهنجا آهن ۽ زمين پڻ تنهنجي ئي آهي، تو ئي جهان ۽ انهيءَ ۾ جيڪي ڪجھہ آهي تنهن کي جوڙيو آهي.
هائو، اتر کان ڏکڻ تائين تو ئي هر شيءِ پيدا ڪئي آهي. سو تبور ۽ حرمون جبل بہ تنهنجي نالي جي ڪري خوشيون ڪن ٿا.
بيشڪ خداوند، جنهن آسمان پيدا ڪيا آهن، سو ئي خدا آهي. هن ئي ڌرتي جوڙي تيار ڪئي آهي، ۽ انهيءَ کي هميشہ لاءِ قائم ڪيو اٿس. هن انهيءَ کي ويران ڪرڻ لاءِ نہ، بلڪ آباد ڪرڻ لاءِ جوڙيو آهي. سو ئي خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ ئي خداوند آهيان، ۽ مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.
خداوند فرمائي ٿو تہ ”آسمان منهنجو تخت ۽ زمين منهنجي پيرن جي صندلي آهي. پوءِ اوهين منهنجي لاءِ ڪهڙي قسم جو گھر جوڙيندا؟ هائو، منهنجي رهڻ لاءِ اوهين ڪهڙي قسم جي جاءِ اڏيندا؟
اي خداوند! پنهنجي غضب وچان سندن پيڇو ڪندي روءِزمين تان سندن نالو نشان ئي مِٽائي ڇڏ.
منهنجي پيءُ جي گھر ۾ ڪيتريون ئي ڪوٺيون آهن. آءٌ اوهان جي خاطر جاءِ تيار ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو آهيان. جيڪڏهن ائين نہ هجي ها تہ آءٌ اوهان کي نہ ٻڌايان ها.
ڏسو، عرش عظيم سميت سمورا آسمان، زمين ۽ جيڪي ڪجھہ منجھس آهي، سو سڀ خداوند اوهان جي خدا جو آهي.
جڏهن خدا تعاليٰ بني آدم کي جدا جدا قومن ۾ ٿي ورهايو، تڏهن انهن کي الڳ الڳ ملڪ ورثو ڪري ٿي ڏنائين. هائو، هر معبود جي قوم کي پنهنجو پنهنجو حصو مقرر ٿي مليو.