Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 115:14 - Muslim Sindhi Bible

14 سو هر ڪو هڪٻئي کي هيئن دعا ڪري تہ ”خداوند شال اوهان کي گھڻو وڌائي! هائو، شال خداوند اوهان کي ۽ اوهان جي اولاد کي بہ وڌائي!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 شل خداوند اوهان کي، ۽ اوهان جي اولاد کي وڌائيندو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 115:14
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ تو کي ايترو تہ اولاد ڏيندس جو واريءَ جي ذرڙن وانگر ڪوبہ انهن کي ڳڻي نہ سگھندو.


آءٌ پنهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ ۽ تو کان پوءِ تنهنجي اولاد سان انهن جي سڀني پيڙهين تائين پنهنجو دائمي عهد ٻڌندس. آءٌ ئي تنهنجو ۽ تنهنجي اولاد جو خدا هوندس.


تنهن تي يوآب بادشاهہ کي چيو تہ ”خداوند خدا جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، سو شل اوهان جا ماڻهو وڌائي. جيترا هينئر آهن تنهن کان شل سؤ ڀيرا زيادہ ٿين ۽ شل منهنجو آقا بادشاهہ اهو ڏسي. پر منهنجي آقا بادشاهہ انهيءَ ڳالهہ جو ارادو ڇو ڪيو آهي؟“


ايندڙ ڏينهن ۾ يعقوب جو اولاد بني اسرائيل انگورن جي ول وانگر پاڙ هڻندا، ٻور جھليندا ۽ گل ڪندا، ۽ سڄي دنيا کي ميون سان ڀري ڇڏيندا.


خداوند خدا، جيڪو بني اسرائيل جي جلاوطن ٿيلن کي وري وطن ۾ آڻي گڏ ٿو ڪري، سو فرمائي ٿو تہ ”آءٌ غير قوم وارن کي بہ پنهنجي قوم ۾ آڻي اوهان سان گڏ ڪندس.“


ماڻهو شڪرگذاري ڪندا ۽ خوشيون ملهائيندا. آءٌ انهن جو تعداد وڌائيندس، سو هو گھٽبا ئي ڪين. آءٌ انهن کي عزت وارو ڪندس، سو هو ذليل نہ ڪيا ويندا.


سو جيئن آسمان جا ستارا شمار ڪري نہ ٿا سگھجن، ۽ نہ ئي سمنڊ جي ڪناري جي واري ماپي ٿي سگھجي، تيئن آءٌ پنهنجي ٻانهي دائود جي اولاد کي ۽ پنهنجي خدمتگار لاوين کي وڌائيندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


انهيءَ هوندي بہ اسرائيل وارن جو تعداد سمنڊ جي واريءَ جي ذرڙن جيترو گھڻو هوندو، جيڪا نہ ماپي ٿي سگھجي ۽ نہ ڳڻي ٿي سگھجي. پوءِ جنهن هنڌ کين ائين چيو ويندو هو تہ ”اوهين خداوند جي قوم نہ آهيو،“ انهيءَ هنڌ کين هيئن چيو ويندو تہ ”اوهين زندہ خدا جا ٻار آهيو.“


آءٌ کين جلاوطنيءَ مان ڇڏائي اشاري سان سڏي آڻي سندن وطن ۾ گڏ ڪندس. پوءِ هو جيئن اڳي تعداد ۾ گھڻا هئا تيئن ئي وڌي گھڻا ٿيندا.


خدا جو پاڪ روح ڏيڻ جو اهو واعدو اوهان جي لاءِ، اوهان جي اولاد جي لاءِ ۽ انهن سڀني جي لاءِ بہ آهي جيڪي پري آهن، يعني اهي سڀ جن کي خداوند، اسان جو خدا پاڻ ڏانهن سڏيندو.“


اوهين انهن نبين جا وارث ۽ انهيءَ عهد جا شريڪ آهيو جيڪو خدا اوهان جي ابن ڏاڏن سان ڪيو هو، جيئن هن ابراهيم کي چيو تہ ’تنهنجي اولاد جي وسيلي دنيا جي سڀني قومن کي برڪت ملندي.‘


شل خداوند، اوهان جي ابن ڏاڏن جو خدا اوهان کي انهيءَ کان بہ هزار ڀيرا وڌائي ۽ جيئن هن اوهان سان واعدو ڪيو آهي تيئن اوهان کي برڪت ڏئي.


مون ٻڌو تہ جن کي مُهر هنئي ويئي، تن جو تعداد هڪ لک چوئيتاليهہ هزار هو. اهي بني اسرائيل جي ٻارهن ئي قبيلن مان هئا، يعني


انهن ڳالهين کان پوءِ ڇا ڏسان تہ هڪ وڏو ميڙ آهي، جنهن کي ڪوبہ ڳڻي نہ ٿي سگھيو! اهو هر قوم، قبيلي، ذات ۽ هر ٻوليءَ مان هو. اهي اڇو جبو پايو، کجيءَ جون ٽاريون هٿن ۾ کنيو، ان تخت ۽ گھيٽڙي جي اڳيان بيٺا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ