Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 115:12 - Muslim Sindhi Bible

12 خداوند اسان جي سار لڌي آهي، هاڻ هو اسان کي برڪت ڏيندو. هائو، بني اسرائيل کي ۽ انهن جي ڪاهنن کي هو پنهنجي برڪت عطا ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 خداوند اسان جي سار لڌي آهي، ۽ هو اسان کي برڪت ڏيندو: هو اسرائيل جي گهراڻي کي برڪت ڏيندو: هو هارون جي گهراڻي کي برڪت ڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 115:12
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خدا نوح ۽ انهن جانورن کي جيڪي ساڻس گڏ ٻيڙي ۾ هئا وساري ڪونہ ڇڏيو. سو خدا هوا گھلائي ۽ پاڻي لهڻ لڳو.


اي بني اسرائيل! اوهين خداوند کي سڳورو چئو، اي خداوند جا ڪاهنؤ! اوهين خداوند کي سڳورو چئو.


انهيءَ جو شڪرانو ادا ڪريو، جنهن ڏکن ۾ اسان جي سار لڌي، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي.


تون منهنجا گناهہ ۽ جوانيءَ جون گستاخيون ياد نہ ڪر. اي خداوند! پنهنجي دائمي شفقت سان مون کي پنهنجي ڀلائي ڏيکار ۽ وساري نہ ڇڏج.


بيشڪ خدا ئي اسان کي برڪت ڏني آهي. شل سڄي ڌرتيءَ جا ماڻهو کيس تعظيم ڏين!


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي بني يعقوب! اوهين منهنجا ٻانها آهيو، سو اهي ڳالهيون ياد رکو. هائو، اي بني اسرائيل وارؤ! مون ئي اوهان کي خلقيو آهي، اوهين تہ منهنجا ٻانها آهيو، آءٌ اوهان کي ڪڏهن بہ نہ وساريندس.


اهڙيءَ طرح هو منهنجو نالو وٺي بني اسرائيل لاءِ دعا گھرندا تہ آءٌ انهن کي برڪت ڏيندس.“


هن ملائڪ ڏانهن ڊپ وچان ڏسندي چيو تہ ”جي سائين؟“ ملائڪ چيس تہ ”خدا تنهنجيون دعائون ۽ خيراتون قبول ڪيون آهن ۽ تو کي ياد فرمايو اٿس.


انهيءَ ڪري خدا پنهنجي ٻانهي عيسيٰ کي مخصوص ڪري پهريائين اسان يهودين ڏانهن موڪليو تہ جيئن هو اسان کي اها برڪت عطا ڪري جو اسين سڀني بڇڙاين کان منهن موڙي ڇڏيون.“


هي انهيءَ ڪري ٿيو تہ جيئن ابراهيم سان واعدي ڪيل برڪت عيسيٰ مسيح ۾ غير قومن تائين بہ پهچي ۽ اسين سڀيئي ايمان آڻڻ جي وسيلي اهو پاڪ روح حاصل ڪريون جنهن جو واعدو ڪيو ويو آهي.


هاڻي جيڪڏهن اوهين مسيح جا آهيو تہ پوءِ ابراهيم جو نسل آهيو ۽ خدا جي واعدي موجب وارث بہ آهيو.


شل خدا جي واکاڻ هجي جيڪو اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو پيءُ آهي، جنهن اسان کي مسيح ۾ آسمان جي هر هڪ روحاني برڪت سان مالا مال ڪيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ