Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 115:1 - Muslim Sindhi Bible

1 اسان جي لاءِ نہ اي خداوند! اسان جي لاءِ نہ، بلڪ پنهنجي دائمي شفقت ۽ سچائيءَ جي واسطي، تون رڳو پنهنجي نالي جي لاءِ پنهنجي عظمت کي ظاهر ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 اسان کي نہ، اي خداوند، اسان کي نہ، پر تون پنهنجي نالي کي جلال ڏي، پنهنجي رحم ۽ پنهنجي سچائيءَ جي خاطر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 115:1
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ تنهنجي مقدس هيڪل ڏانهن منهن ڪري سجدو ڪندس. تنهنجي دائمي ٻاجھہ ۽ سچائيءَ جي ڪري، آءٌ تنهنجي نالي جو شڪرانو ادا ڪندس، ڇاڪاڻ تہ تو پنهنجي نالي ۽ قول کي هر شيءِ کان مٿاهون ڪيو آهي.


شال هو تنهنجي حفاظت ۾ سدائين تخت‌نشين رهي! تون پنهنجي دائمي شفقت ۽ وفا سان انهيءَ جي حفاظت ڪر.


اُٿ اي خدا! پنهنجي نالي کي بي‌حرمتيءَ کان بچائڻ لاءِ ڪجھہ ڪر. ڏس ڪيئن نہ نادان ماڻهو سڄو ڏينهن تو تي ٺٺوليون ڪن ٿا.


اوهين خداوند جي نالي جي لائق سندس عظمت واکاڻيو. اوهين هيڪل ۾ اچي سندس حضور ۾ نذرانا پيش ڪريو.


اهو سڀ مون پنهنجي خاطر، هائو، رڳو پنهنجي ئي خاطر ڪيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ متان ڪو منهنجي خلاف ڪفر بڪي. آءٌ پنهنجي عظمت ۾ ڪنهن ٻئي کي شريڪ ٿيڻ ڪونہ ڏيندس.“


پر مون پنهنجي نالي جي خاطر ائين نہ ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ انهن قومن جي آڏو منهنجي نالي جي بي‌ادبي نہ ٿئي، جن قومن جي ڏسندي آءٌ هنن کي مصر ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آيو هئس.


تنهنڪري اي حزقي‌ايل! تون بني اسرائيل کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’هاڻي آءٌ جيڪي ڪجھہ ڪرڻ وارو آهيان، سو اي بني اسرائيل! اوهان جي خاطر نہ بلڪ پنهنجي پاڪ نالي جي خاطر ڪريان ٿو، جنهن جي اوهان جي ڪري انهن غير قومن منجھہ بي‌حرمتي ٿي آهي، جن ۾ اوهين رهو ٿا.


پر اي بني اسرائيل! ياد رکو تہ آءٌ هي سڀ ڪجھہ اوهان جي خاطر نہ پر پنهنجي نالي جي خاطر ڪندس. سو اوهان کي پنهنجي ڪيل ڪمن جي ڪري شرمندگي ۽ بي‌عزتي برداشت ڪرڻي پوندي، ڇاڪاڻ تہ اوهان منهنجي خلاف گناهہ ڪيو آهي.‘“


اي پروردگار! ٻڌ، اي رب! معافي ڏي، اي ڌڻي! اسان جي ٻڌ ۽ ڪجھہ ڪر. اي منهنجا خدا! پنهنجي نالي جي خاطر دير نہ ڪر، ڇاڪاڻ تہ تنهنجو شهر ۽ تنهنجي قوم تنهنجي ئي نالي پٺيان ٿا سڏجن.“


تو پنهنجي قوم، جيڪي ابراهيم ۽ يعقوب جو اولاد آهن، تن جي ابن ڏاڏن سان گھڻو اڳي وفا ۽ دائمي شفقت جو واعدو فرمايو هو، تن کي هاڻي تون انهيءَ واعدي موجب وري نئين سر نوازيندين.


شريعت موسيٰ جي معرفت ملي، جڏهن تہ فضل ۽ سچائي عيسيٰ مسيح جي معرفت ملي.


انهيءَ لاءِ تہ سندس جلوي سان ڀريل انهيءَ فضل جي واکاڻ ٿئي، جيڪو هن پنهنجي پياري فرزند ۾ اسان کي مفت عطا ڪيو.


ڪنعاني ۽ هن ملڪ جا سڀ رهاڪو هي ٻڌي اسان کي چوڌاري وڪوڙي ويندا ۽ ڌرتيءَ تان اسان جو نالو ئي مِٽائي ڇڏيندا. پوءِ تون پنهنجي عظيم نالي لاءِ ڇا ڪندين؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ