3 ڳاڙهي سمنڊ جڏهن خدا کي ڏٺو تڏهن اهو پٺتي هٽي ويو، اردن درياءُ پڻ کيس ڏسي پٺئين پاسي وهڻ لڳو.
3 سمنڊ اهو ڏسي ڀڄي ويو؛ ۽ يردن ندي بہ پٺ تي هٽجي ويئي.
اي خدا! سمنڊن جڏهن تو کي ڏٺو، تڏهن اهي خوف وچان بلڪل تري تائين ڏڪي ويا.
موسيٰ پنهنجو هٿ سمنڊ تي ڊگھيريو تہ خداوند سڄي رات اوڀر جو تيز واءُ گھلايو ۽ سمنڊ کي پوئتي هٽائي ڇڏيو، ايتري قدر جو اهو سڪي زمين ٿي پيو ۽ پاڻي ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو.
تو پنهنجي گھوڙن سان سمنڊ کي لتاڙيو هو، هيڏي وڏي پاڻيءَ کي ولوڙيندو لنگھي ويو هئين.
هائو، ڪٿي آهي اهو خداوند، جنهن جي جلالي قدرت موسيٰ سان گڏ هلندي رهي، ۽ جنهن پنهنجو نالو هميشہ قائم رکڻ لاءِ سندن اڳيان سمنڊ جي پاڻيءَ کي چيري ٻہ اڌ ڪيو؟
هن جڏهن ڳاڙهي سمنڊ کي جھڻڪيو تڏهن اهو بہ سڪي ويو. پوءِ انهيءَ جي تري منجھان کين خشڪ زمين جيان پار ٽپايائين.
پر پوءِ جڏهن تو ان کي ڇينڀيو تہ اهو ڀڄي ويو. هائو، تنهنجي گجگوڙ ٻڌڻ سان پاڻي جلدي لهي ويو.
تو ئي سڪل چشمن ۽ برساتي نهرن کي جاري ڪيو هو، ۽ تو ئي پاڻيءَ سان ڀريل وڏا وڏا درياءَ سڪائي ڇڏيا هئا.
تنهنجي قهر واري ڦوڪ سان پاڻي ڍڳن مٿان ڍڳ ٿيو، ۽ اهو وهندڙ پاڻي ڀت جيان بيهي رهيو. هائو، سمنڊ جي وچ ۾ اونهو پاڻي ڄمي بيهي رهيو.
ڪڪرن ڏاڍو مينهن وسايو آهي، ۽ آسمان مان گجگوڙ ٿيا آهن. تنهنجي وڄ تيرن جيان چئني طرفن ڏانهن هلي آهي.