Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 113:7 - Muslim Sindhi Bible

7 هو مسڪينن ۽ محتاجن کي مٽيءَ ۽ ڪچري جي ڍير تان کڻي بلنديءَ تي پهچائي ٿو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 هو مسڪين کي مٽيءَ مان اُٿاري کڙو ٿو ڪري، ۽ محتاج کي ڪچري جي ڍير تان مٿي ٿو کڻي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 113:7
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”جيتوڻيڪ مون تو کي مٽيءَ مان کڻي مٿي ڪيو ۽ پنهنجي قوم بني اسرائيل جي ڏهن قبيلن مٿان تو کي اسرائيل جو بادشاهہ بڻايم، تنهن هوندي بہ تون يربعام جي رستي تي هليو آهين، جو منهنجي قوم بني اسرائيل کان گناهہ ڪرائي مون کي ڪاوڙايو اٿيئي.


سو ايوب انهيءَ حالت ۾ اُٿي وڃي خاڪ ۾ ويٺو، جتي هڪڙي ٺڪريءَ سان پاڻ کي پيو کرڙيندو هو.


هو پستيءَ ۾ ڪري پيلن کي بلنديءَ تي پهچائي ٿو، ۽ غمگينن کي خوشحاليءَ سان سرفراز ڪري ٿو.


پر هو محتاجن کي مصيبت مان ڇڏائي خوشحال بڻائي ٿو، ۽ سندن خاندانن کي ڌڻن وانگر وڌائي ڇڏي ٿو.


منهنجي نڙي سُڪي ٺڪر ٿي ويئي آهي، ۽ ڄڀ وڃي تارونءَ سان لڳي آهي. آہ! اي خداوند! تو مون کي موت واري ڌوڙ ۾ آڻي ملايو آهي.


خداوند ٿو فرمائي تہ ”اوهان جي قوم وارا جيڪي مري ويا آهن، سي وري جيئرا ٿي اٿندا. هائو، منهنجي ماڻهن جا لاش وري جيئرا ٿي اٿندا. سو اي قبر ۾ وڃي سمهڻ وارؤ! اوهين جاڳي اُٿو ۽ خوشيءَ وچان ڳايو. هائو، جيئن چمڪندڙ ماڪ جي وسيلي آءٌ خداوند ڌرتيءَ کي تازو توانو ٿو ڪريان، تيئن ئي آءٌ انهن مري ويلن کي نئين سر جيئرو ڪندس.“


ٻيلي جا سڀ وڻ ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان. آءٌ ئي آهيان جيڪو بلند وڻن کي هيٺ ڪيرائي ٿو ڇڏيان ۽ ننڍن وڻن کي وڌائي وڏو ٿو ڪريان. آءٌ ئي آهيان جيڪو سائي وڻ کي سڪائي ٿو ڇڏيان ۽ سڪل وڻ کي سائو ڪري ٿو ڇڏيان. اهو مون خداوند جو فرمان آهي، ۽ اهو سڀ ڪجھہ آءٌ ئي ڪري ڏيکاريندس.“


منهنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! ٻڌو، ڇا اهي ماڻهو جيڪي دنيا جي نظر ۾ غريب آهن، تن کي خدا ايمان ۾ دولتمند ٿيڻ ۽ پنهنجي بادشاهيءَ جي انهيءَ واعدي ڪيل ورثي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ نہ چونڊيو آهي، جيڪو هن ساڻس محبت رکندڙن سان ڪيو آهي؟


بني اسرائيل جو بادشاهہ ڪنهن جي پٺيان نڪري آيو آهي؟ اوهين ڪنهن جي پٺيان پيا آهيو؟ هڪڙي مئل ڪتي جي پٺيان، يا هڪڙي جيتامڙي جي پٺيان؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ