6 انهيءَ هوندي بہ هو اتان نِوڙي هيٺ زمين ۽ آسمان تي پنهنجي ڪرم جي نظر ڪري ٿو.
6 جو پاڻ کي نماڻو ٿو ڪري تہ آسمان ۽ زمين جي شين تي نظر ڪري؟
جڏهن تہ خدا پنهنجي ملائڪن تي بہ ڀروسو نہ ٿو رکي، توڙي جو آسمان بہ سندس نظر ۾ پاڪ نہ آهي،
هو ڌرتيءَ جي ڇيڙن تائين نظر ڊوڙائي ٿو، هائو، هو آسمان جي هيٺان واري هر شيءِ کي ڏسي ٿو.
ڏس، جيڪڏهن هو پنهنجي آسماني ٻانهن تي بہ ڀروسو ڪين ٿو رکي، هائو، پنهنجي فرشتن کي بہ جيڪڏهن هو ڏوهاري قرار ڏئي ٿو،
ياد رکو، خداوند، جنهن جو تخت عرش عظيم تي آهي، سو پنهنجي مقدس هيڪل ۾ رهي ٿو. سندس نگاهہ بني آدم تي آهي، سو اسين جيڪي ڪجھہ ڪريون ٿا سو هو ڏسي ٿو.
توڙي جو اي خداوند! تون بلند وَ بالا آهين، تہ بہ نماڻن تي مهر جي نظر ڪرين ٿو. پر مغرور ماڻهن کي تون پري کان ئي سڃاڻي وٺين ٿو.
هو پنهنجي تخت واريءَ جاءِ تان هيٺ نهاري ٿو. هائو، هو ڌرتيءَ جي سڀني رهاڪن کي نهاري ٿو ڏسي.
آءٌ ئي عظيم ۽ سربلند خدا آهيان، جيڪو سدائين قائم وَ دائم آهيان، ۽ منهنجو نالو پاڪ آهي. جيتوڻيڪ آءٌ عرش عظيم تي پاڪ جاءِ ۾ رهان ٿو، تڏهن بہ آءٌ شڪستہ دل ۽ نماڻن سان گڏ آهيان، انهيءَ لاءِ تہ نماڻن جي روح کي ۽ شڪستہ دلين کي وري تازو توانو ڪريان.
هن جي چوڌاري شعلي جيان ڀڙڪندڙ مخلوق بيٺي هئي. انهن مان هر هڪ کي ڇهہ ڇهہ پر هئا، جن مان ٻن پرن سان هنن منهن لڪايا، ٻن پرن سان پنهنجا پير ڍڪيائون ۽ ٻہ پر سندن اڏامڻ لاءِ هئا.
هيءَ پوري ڪائنات مون خداوند جي هٿن ئي جوڙي آهي، ۽ انهيءَ جي هر شيءِ منهنجي ڪري ئي آهي. آءٌ انهن ماڻهن مان خوش آهيان، جيڪي نماڻا ۽ توبهہتائب ٿيندڙ آهن، ۽ جيڪي مون کان ڊڄندي منهنجي تابعداري ٿا ڪن.