5 خداوند اسان جي خدا جهڙو ڪو ٻيو آهي ڇا، جيڪو عرش عظيم تي تختنشين آهي؟
5 خداوند اسان جو خدا، جو آسمانن ۾ تخت نشين آهي، تنهن جهڙو ٻيو ڪير آهي،
خداوند پنهنجو تخت عرش عظيم تي قائم ڪيو آهي، هر شيءِ تي سندس ئي حڪومت هلي ٿي.
ياد رکو، خداوند، جنهن جو تخت عرش عظيم تي آهي، سو پنهنجي مقدس هيڪل ۾ رهي ٿو. سندس نگاهہ بني آدم تي آهي، سو اسين جيڪي ڪجھہ ڪريون ٿا سو هو ڏسي ٿو.
آءٌ پوري دل وَ جان سان تنهنجي واکاڻ ڪندي چوندس تہ ”اي خداوند! تو جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي. تون ئي ڪمزورن کي زورآورن جي هٿن منجھان ڇڏائين ٿو. تون ئي غريبن ۽ محتاجن کي ڦُرمار ڪندڙن کان بچائين ٿو.“
اي خداوند! آسمانن ۾ اهڙو ڪوبہ ڪونهي، جنهن جي تو سان ڀيٽ ڪجي، ۽ نہ ئي معبودن جي ٽولي ۾ ڪو تو جهڙو آهي.
اي خدا! آسمان وارن ۾ هر ڪو تنهنجو خوف رکي ٿو، جيڪي تنهنجي آسپاس آهن، تن سڀني کان تون وڌيڪ هيبتناڪ آهين.
اي خداوند، قادرِمطلق خدا! تو جهڙو زورآور ٻيو ڪير آهي؟ هر ڪنهن ڳالهہ ۾ تون ئي پورو پورو وفادار آهين.
گجندڙ سمنڊ تي تنهنجو ئي حڪم هلي ٿو، جڏهن ان جون ڇوليون مٿي چڙهن ٿيون، تڏهن تون ئي انهن کي ماٺو ڪرين ٿو.
اي خداوند! معبودن ۾ تو جهڙو ٻيو ڪير آهي؟ پاڪيزگيءَ ۾ اعليٰ ۽ افضل تو جهڙو ٻيو ڪير آهي؟ حمد وَ ثنا ۾ هيبتناڪ ۽ معجزن ڪرڻ وارو ٻيو ڪير آهي؟
تڏهن دائود جي اولاد مان هڪڙو بادشاهہ ٿيندو، جيڪو سچائيءَ ۽ شفقت سان ماڻهن تي حڪمراني ڪندو. اهو اهڙو عادل هوندو جيڪو پورو پورو انصاف ڪندو. هائو، اهو عدل وَ انصاف ڪرڻ ۾ دير نہ ڪندو.
سو اوهين خدا کي ڪنهن سان ڀيٽي سگھو ٿا؟ ڪهڙيءَ شيءِ سان اوهين سندس مشابهت ڪندا؟
سو پاڪ خدا فرمائي ٿو تہ ”هاڻي اوهين ڪنهن سان منهنجي ڀيٽ ڪندا؟ ڇا ڪو منهنجي برابر ٿي سگھي ٿو؟“
آءٌ ئي عظيم ۽ سربلند خدا آهيان، جيڪو سدائين قائم وَ دائم آهيان، ۽ منهنجو نالو پاڪ آهي. جيتوڻيڪ آءٌ عرش عظيم تي پاڪ جاءِ ۾ رهان ٿو، تڏهن بہ آءٌ شڪستہ دل ۽ نماڻن سان گڏ آهيان، انهيءَ لاءِ تہ نماڻن جي روح کي ۽ شڪستہ دلين کي وري تازو توانو ڪريان.
بيشڪ اي خداوند! تنهنجو ثاني ڪوبہ ڪونهي، تون عظيم آهين، ۽ تنهنجو نالو وڏيءَ قدرت وارو آهي.
پوءِ موسيٰ سڄي بني اسرائيل کي مخاطب ٿيندي چيو تہ ”اي خدا جا پيارؤ! اسان جي خدا جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي، جيڪو عرش کان ڪڪرن تي حشمت سان سوار ٿي اسان جي مدد ڪرڻ لاءِ اچي ٿو.