3 دنيا جي هڪڙي ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين، شال خداوند جي نالي کي ساراهيو وڃي!
3 سج جي اُڀرڻ کان وٺي انهي جي لهڻ تائين، خداوند جي تعريف ٿئي.
خداوند جيڪو تعريف جي لائق آهي، تنهن کي جڏهن پڪاريان ٿو، تڏهن آءٌ پنهنجي دشمنن کان بچايو ٿو وڃان.
اي خدا! جهڙو تنهنجو نالو آهي، تهڙي ئي تنهنجي تعريف سڄيءَ دنيا ۾ پيئي ٿئي. تنهنجو زورآور هٿ سچي عدل سان ڀرپور آهي.
خداوند، قادرِمطلق خدا، سڄيءَ دنيا وارن کي سڏايو آهي. هائو، هن اوڀر کان اولهہ تائين سڄيءَ دنيا کي گھرايو آهي.
سمورا بادشاهہ اچي سندس آڏو جھڪندا، ۽ سموريون قومون اچي سندس خدمت ڪنديون.
اي ڌڻي! سڀيئي قومون جن کي تو ئي خلقيو آهي، سي اچي تو کي سجدو ڪنديون. اهي سڀيئي تنهنجي نالي جي واکاڻ ڪنديون.
بيشڪ دنيا جي ڪنڊڪڙڇ کان عادل خدا جي واکاڻ جا گيت ٻڌڻ ۾ ٿا اچن. پر ويل آهي مون لاءِ! ڇاڪاڻ تہ منهنجا حالات تمام خراب آهن، بلڪ آءٌ ڳرندو ٿو وڃان، هائو، جڏهن آءٌ ڏسان ٿو تہ دغابازي ڪندڙ دغابازيءَ جي هلت کان باز نہ ٿا اچن، بلڪ سندن دغابازي ڏينهون ڏينهن وڌندي ٿي وڃي.
اي آسمانؤ! گيت ڳايو، اي زمين! تون خوشي ملهاءِ، اي پهاڙؤ! اوهين زور سان ڳايو، ڇاڪاڻ تہ خداوند پنهنجي قوم کي تسلي بخشي ٿو. هائو، هو پنهنجي ڏکويل بندن تي رحم ڪندو.
هو پنهنجي ڦوڪ ڏيڻ سان هڪ وڏي ٻوڏ جيان دشمنن تي اچي ڪڙڪندو. تڏهن اولهہ توڙي اوڀر جون قومون سندس جلال واري نالي کان ڊڄي وينديون.
ڌرتي خداوند جي جلال جي ڄاڻ سان ائين ڀرجي ويندي جيئن سمنڊ پاڻيءَ سان ڀريو پيو آهي.
دنيا جي هڪڙيءَ ڪنڊ کان وٺي ٻيءَ ڪنڊ تائين ٻين قومن ۾ منهنجي واکاڻ پئي ٿئي. هر هنڌ منهنجي لاءِ لوبان پيا ٻارين ۽ پاڪ نذرانا پيا پيش ڪن. درحقيقت انهن قومن ۾ منهنجو نالو ساراهيو وڃي ٿو.
جڏهن ستين ملائڪ توتارو وڄايو تہ آسمان ۾ وڏا آواز ٻڌڻ ۾ آيا جن چيو ٿي تہ ”دنيا جي بادشاهي اسان جي خداوند خدا ۽ سندس مسيح جي ٿي ويئي آهي. خداوند خدا هميشہ هميشہ تائين بادشاهي ڪندو رهندو.“