2 شال هينئر، بلڪ هميشہ هميشہ تائين، خداوند جو نالو سڳورو هجي!
2 شل خداوند جو نالو هينئر کان وٺي هميشہ تائين مبارڪ هجي.
شل خداوند، بني اسرائيل جو خدا، ازل کان ابد تائين سڳورو هجي. پوءِ سڀني ماڻهن ”آمين“ چيو ۽ خدا جي واکاڻ ڪيائون.
شل خداوند، بني اسرائيل جو خدا، ازل کان ابد تائين سڳورو هجي، سڀيئي ماڻهو چون ”آمين.“ خداوند جي واکاڻ ڪريو.
باقي اسين ئي جيڪي جيئرا آهيون، سي هاڻي ۽ هميشہ هميشہ تائين پڻ خداوند کي سڳورو چوندا رهنداسين. خداوند جي واکاڻ ڪريو.
شل خداوند، بني اسرائيل جي خدا جي واکاڻ هجي! ازل کان وٺي ابد تائين شال سندس واکاڻ هجي! آمين، ثم آمين.
چيو تہ ”شل خدا جو نالو ازل کان وٺي ابد تائين سڳورو هجي، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي حڪمت ۽ قدرت وارو آهي.
شل ڪليسيا ۽ عيسيٰ مسيح جي وسيلي پيڙهي بہ پيڙهي هميشہ هميشہ تائين سندس عظمت جي واکاڻ ٿيندي رهي. آمين.
پوءِ سموري مخلوق جيڪا آسمان ۾، زمين تي، زمين جي هيٺان ۽ سمنڊ ۾ آهي، تن سڀني کي مون هي چوندي ٻڌو تہ ”جيڪو تخت تي ويٺو آهي، تنهن جي ۽ گھيٽڙي جي واکاڻ، عزت، عظمت ۽ قدرت شل هميشہ هميشہ تائين قائم رهي.“