4 اهي ماڻهو بيحد مهربان، رحمدل ۽ نيڪ آهن، بلڪ سچارن لاءِ هو اونداهيءَ ۾ روشنيءَ مثل آهن.
4 سچارن لاءِ اوندهہ ۾ سوجهرو ٿو نڪري: هو رحيم، ٻاجهارو، ۽ راستباز آهي.
تنهنجي زندگيءَ جي اونداهي گھڙي بہ صبح جهڙي روشن ٿيندي، هائو، تنهنجي زندگي منجھند جي روشنيءَ کان بہ وڌيڪ روشن ٿيندي.
جنهن ڳالهہ جو تون ارادو ڪندين سا تنهنجي لاءِ ٿي پوندي، ۽ تنهنجيون راهون روشن ٿينديون.
تڏهن خدا هميشہ مون سان گڏ هوندو هو، ۽ سندس عطا ڪيل روشنيءَ جي مدد سان آءٌ اونداهيءَ مان بہ لنگھي ويندو هئس.
خداوند جي واکاڻ ڪريو ۽ سندس ٿورا مڃيو، ڇاڪاڻ تہ هو ڀلو آهي ۽ سندس شفقت هميشہ جي لاءِ آهي.
بيشڪ خداوند رحيم ۽ سچار آهي، اسان جو خدا ٻاجھہ ڪرڻ وارو آهي.
خداوند پنهنجي سڀني واٽن ۾ سچار آهي. هو جيڪو بہ ڪم ڪري ٿو تنهن ۾ سندس رحم شامل آهي.
هو اوهان جي سچائيءَ کي روشنيءَ وانگر ظاهر ڪندو، هائو، هو اوهان جي حق تي هجڻ کي منجھند جي روشنيءَ وانگر پڌرو ڪندو.
سچار ماڻهن جي مٿان خدا جو نور نازل ٿئي ٿو، هائو، سچيءَ دل وارن کي خوشيون عطا ٿين ٿيون.
سچار ۽ رحمدل ماڻهو نيڪي، عزت ۽ ڊگھي ڄمار ماڻيندا آهن.
اي اوهين سڀ! جيڪي خداوند جو خوف ٿا رکو، ۽ سندس ٻانهي جو حڪم ٿا مڃو، جيتوڻيڪ اوهين روشنيءَ جي بجاءِ اونداهيءَ ۾ ٿا هلو، تڏهن بہ خداوند پنهنجي خدا تي پوري توڪل رکو.
جيڪڏهن اوهين دل سان بکين جي سار لهندا، ۽ ڏکويلن جي دلجوئي ڪندا، تہ پوءِ اونداهيءَ ۾ بہ اوهان لاءِ روشني چمڪڻ لڳندي، هائو، اوهان جا ڏک ۽ مصيبتون خوشحاليءَ ۾ بدلجي ويندا.
تڏهن منهنجو راضپو اوهان جي مٿان سج جي ڪرڻن وانگر چمڪڻ لڳندو، ۽ جلد ئي اوهان جا هر طرح جا لاڳاپا بحال ٿي ويندا. اوهان کي بچائڻ لاءِ آءٌ هميشہ اوهان سان گڏ هوندس، ۽ منهنجي موجودگي هر طرف کان اوهان جي حفاظت ڪندي.
پر اوهين جيڪي منهنجو خوف ٿا رکو تن جي لاءِ ان ڏينهن منهنجو بچائڻ سج جي روشنيءَ وانگر هوندو، جنهن جو نتيجو چڱائي ۽ ڀلائي هوندو. اوهين انهيءَ ڏينهن تي ائين نچندا ٽپندا جيئن وٿاڻن مان گابا ڇٽي نڪرڻ مهل نچندا ٽپندا آهن.
تنهنڪري مهربان ٿيو، جيئن اوهان جو آسماني پيءُ مهربان آهي.“
آءٌ روشني آهيان ۽ هن دنيا ۾ انهيءَ لاءِ آيو آهيان تہ جيڪو بہ مون تي ايمان آڻي سو اونداهيءَ ۾ نہ رهي.
هڪٻئي تي مهربان ۽ نرم دل ٿيو ۽ جهڙيءَ طرح خدا مسيح جي وسيلي اوهان کي معاف ڪيو، تهڙيءَ طرح اوهين بہ هڪٻئي کي معاف ڪندا رهو.
تنهنڪري تمام خبرداريءَ سان ڏسو تہ ڪيئن ٿا زندگي گذاريو. نادانن وانگر نہ گذاريو، پر دانائن وانگر
ڇاڪاڻ تہ روشنيءَ جو ڦل هر طرح جي چڱائي، سچائي ۽ حق سچ آهي.
جيئن تہ اوهين ڄاڻو ٿا تہ مسيح سچار آهي، تہ پوءِ اوهين اهو بہ پڪ ڄاڻو تہ جيڪو بہ سچائيءَ جا ڪم ٿو ڪري تنهن کي خدا پنهنجو ٻار بڻايو آهي.
سو ڪير خدا جو ٻار آهي ۽ ڪير ابليس جو؟ اهو هن مان معلوم ٿئي ٿو تہ جيڪو سچائيءَ جا ڪم نہ ٿو ڪري ۽ جيڪو پنهنجي همايمان ڀاءُ ڀيڻ سان پيار نہ ٿو ڪري سو خدا جو ٻار نہ آهي.
سو اي پيارا ٻارؤ! ڪنهن جي دوکي ۾ نہ اچجو. جيڪو سچائيءَ جا ڪم ڪري ٿو سو ئي سچار آهي، جيئن مسيح سچار آهي.