Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 112:3 - Muslim Sindhi Bible

3 سندن گھراڻن ۾ دولت ۽ خوشحالي هوندي. بيشڪ مٿن ابد تائين سندس سخاوت قائم رهندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 هن جي گهر ۾ مال ۽ دولت ٿيندي: ۽ سندس سچائي هميشہ تائين قائم رهندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 112:3
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ تون ڄاڻي وٺندين تہ تنهنجو گھر سلامتيءَ ۾ آهي، پنهنجي واڙي ۾ اچي ڏسندين تہ ڪوبہ جانور گم نہ هوندو.


خداوند جي خوف رکڻ سان ئي دانائيءَ جي شروعات ٿئي ٿي. بيشڪ اهي سمجھو آهن جيڪي سندس حڪمن تي عمل ڪن ٿا. سندس واکاڻ هميشہ هميشہ تائين قائم رهندي.


هن جا ڪم وڏي شان وَ شوڪت وارا آهن، ۽ پنهنجي بندن لاءِ سندس سچائي هميشہ قائم وَ دائم آهي.


هو فراخدليءَ سان محتاجن کي ڏين ٿا، ۽ سندن سخاوت هميشہ تائين جاري رهندي. بيشڪ انهن کي قوت ۽ عزت ۾ مٿاهون ڪيو ويندو.


کاڌي جي ڪميءَ جي ڪري شينهن بہ بکيا رهن ٿا، پر خداوند جا طالبو ڪنهن نعمت جا محتاج نہ ٿيندا.


اي منهنجا ٻارؤ! منهنجي ويجھو اچي منهنجي ڳالهہ ٻڌو، اچو تہ آءٌ اوهان کي خداوند جو خوف رکڻ سيکاريان.


سچار ماڻهوءَ جي سچائي کيس دولتمند بڻايو ڇڏي، مگر بدڪار ماڻهوءَ جي دولت کيس ڏکيائيءَ ۾ وجھيو ڇڏي.


عقلمند ماڻهن جي گھرن ۾ دولت وڌندي رهي ٿي، مگر بي‌وقوف ماڻهو جلدي کپايو ڇڏين.


ڏاهپ جي ساڄي هٿ ۾ ڊگھي ڄمار آهي ۽ کاٻي هٿ ۾ عزت ۽ دولت آهي.


جيئن تہ هر ڪو سچائيءَ وارا ڪم ڪرڻ لڳندو، تنهنڪري هميشہ جي لاءِ سلامتي ۽ آرام وَ اطمينان ٿي ويندو.


۽ انهيءَ کي مضبوطيءَ سان قائم رکندو. هو اسان جي قوم جي هميشہ حفاظت ٿو ڪري، ۽ اسان کي حقيقي ڏاهپ ۽ علم عطا ڪري ٿو. خداوند جو خوف ئي اسان جو وڏي ۾ وڏو سرمايو آهي.


ڇاڪاڻ تہ اهي ائين ناس ٿي ويندا، جيئن تڏ ڪپڙي کي کائي چٽ ڪريو ڇڏي، جيئن ڪينئون اناج کي کائي ناس ڪندو آهي. پر منهنجو انصاف پيڙهي بہ پيڙهي قائم رهندو، ۽ آءٌ پنهنجي قوم کي هميشہ بچائيندو رهندس.“


پر اوهين پهريائين هن جي بادشاهيءَ ۽ سچائيءَ جي ڳولا ۾ رهو تہ هي سڀ شيون بہ اوهان کي ملنديون.


اسين غم سهندي سهندي بہ هميشہ خوش ٿا رهون. غريب سمجھيا وڃون ٿا، تڏهن بہ گھڻن کي مالا مال ٿا ڪريون. سڃا سکڻا آهيون، تڏهن بہ اسان وٽ سڀ ڪجھہ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ