2 انهن جو نسل پوري ملڪ ۾ زور وارو ٿيندو. هائو، انهن سچارن جو سمورو اولاد سڀاڳو ٿيندو.
2 هن جو نسل زمين تي زوراور ٿيندو: ۽ راستبازن جي اولاد مبارڪ ٿيندو.
آءٌ پنهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ ۽ تو کان پوءِ تنهنجي اولاد سان انهن جي سڀني پيڙهين تائين پنهنجو دائمي عهد ٻڌندس. آءٌ ئي تنهنجو ۽ تنهنجي اولاد جو خدا هوندس.
ابراهيم جي وفات کان پوءِ، خدا سندس پٽ اسحاق کي برڪت ڏني ۽ اسحاق ”ڏسندڙ جيئري جي کوهہ“ وٽ رهڻ لڳو.
تنهنجي هنن ٻانهن جا ٻار سلامتيءَ سان پيا گذاريندا، هائو، تنهنجي قوم جو نسل تنهنجي حضور ۾ قائم رهندو.
اهي سدائين سکيا ستابا ٿا رهن، ۽ سندن اولاد بہ ملڪ جو وارث ٿئي ٿو.
اهي هر وقت رحم ڪندي قرض ڏيندا رهن ٿا. سو سندن اولاد سندن لاءِ برڪت ئي برڪت ٿو بڻجي.
يقيناً بدڪار ماڻهو سزا کان بچي نہ سگھندا، مگر سچار ماڻهو ضرور بچايا ويندا.
نيڪ ماڻهو پنهنجي پيڙهين لاءِ بہ ورثو ڇڏي ٿو، مگر گنهگارن جي ميڙيل دولت سچارن جي حوالي ڪئي ٿي وڃي.
جن جا والدين سچار ۽ سڌي رستي تي ٿا هلن، سي ڪيڏا نہ خوشنصيب آهن!
آءٌ کين وفادار دل عطا ڪندس تہ جيئن هو منهنجي سڌي رستي تي ئي هلن ۽ پنهنجي ڀلائيءَ ۽ پاڻ کان پوءِ پنهنجي اولاد جي ڀلائيءَ لاءِ هميشہ مون کان ڊڄندا رهن.
خدا جو پاڪ روح ڏيڻ جو اهو واعدو اوهان جي لاءِ، اوهان جي اولاد جي لاءِ ۽ انهن سڀني جي لاءِ بہ آهي جيڪي پري آهن، يعني اهي سڀ جن کي خداوند، اسان جو خدا پاڻ ڏانهن سڏيندو.“