3 هن جا ڪم وڏي شان وَ شوڪت وارا آهن، ۽ پنهنجي بندن لاءِ سندس سچائي هميشہ قائم وَ دائم آهي.
3 هن جا ڪم شان ۽ شوڪت وارا آهن ۽ سندس راستبازي هميشہ تائين قائم آهي.
پر جيڪي خداوند جو خوف رکن ٿا، تن تي ازل کان وٺي ابد تائين سندس رحمت وسي ٿي. هن جي ڀلائي سندن اولادن جي اولادن تي پڻ هلندي اچي ٿي،
سندن گھراڻن ۾ دولت ۽ خوشحالي هوندي. بيشڪ مٿن ابد تائين سندس سخاوت قائم رهندي.
هو فراخدليءَ سان محتاجن کي ڏين ٿا، ۽ سندن سخاوت هميشہ تائين جاري رهندي. بيشڪ انهن کي قوت ۽ عزت ۾ مٿاهون ڪيو ويندو.
تنهنجي سچائي ابدي سچائي آهي، تنهنجي شريعت بلڪل سچي آهي.
تنهنجي شريعت ازل کان ابد تائين سچي آهي، اي خداوند! مون کي سمجھہ عطا ڪر تہ آءٌ جيئرو رهان.
خداوند پنهنجي سڀني واٽن ۾ سچار آهي. هو جيڪو بہ ڪم ڪري ٿو تنهن ۾ سندس رحم شامل آهي.
آسمان خدا جو جلوو ظاهر ڪن ٿا. بيشڪ اهي سندس هٿن جي ڪاريگريءَ کي پڌرو ڪن ٿا.
اي خداوند! معبودن ۾ تو جهڙو ٻيو ڪير آهي؟ پاڪيزگيءَ ۾ اعليٰ ۽ افضل تو جهڙو ٻيو ڪير آهي؟ حمد وَ ثنا ۾ هيبتناڪ ۽ معجزن ڪرڻ وارو ٻيو ڪير آهي؟
ڇاڪاڻ تہ اهي ائين ناس ٿي ويندا، جيئن تڏ ڪپڙي کي کائي چٽ ڪريو ڇڏي، جيئن ڪينئون اناج کي کائي ناس ڪندو آهي. پر منهنجو انصاف پيڙهي بہ پيڙهي قائم رهندو، ۽ آءٌ پنهنجي قوم کي هميشہ بچائيندو رهندس.“
تنهنجي قوم بني اسرائيل ۽ تنهنجي پاڪ شهر يروشلم لاءِ ستر دفعا ستن ستن سالن جو مدو مقرر ٿيو آهي. جيئن انهيءَ عرصي ۾ منجھائن خطاڪاري ۽ گناهہ ختم ٿي وڃن، هائو، کانئن بدڪاري دور ٿي وڃي. دائمي سچائي قائم ٿئي، تانتہ رويا ۽ اڳڪٿي سچا ثابت ٿين ۽ هيڪل کي مسح ڪري مخصوص ڪيو وڃي.
خدا چاهيو ٿي تہ هاڻي ڪليسيا جي وسيلي سندس طرح طرح جي حڪمت جي انهن حڪمرانن ۽ اختياريءَ وارن کي ڄاڻ پئجي وڃي، جيڪي آسماني جاين ۾ آهن.