Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 110:7 - Muslim Sindhi Bible

7 تڏهن واٽ ۾ تون ڪنهن وهندڙ نهر جو پاڻي پيئندين، پاڻي پي تون تازو توانو ٿيندين ۽ پوءِ سدائين سوڀارو رهندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 هو واٽ ۾ نهر مان پاڻي پيئندو: تنهن ڪري هو پنهنجو ڪنڌ مٿي کڻندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 110:7
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڀلي تہ هو پنهنجي سزا پاڻ ڀوڳين، ڀلي تہ اهي قادرِمطلق جي غضب جو مزو پاڻ چکن.


تنهنجي ڪاوڙ جي ڪري خاڪ منهنجو کاڌو بڻي آهي، ۽ لڙڪن گڏيل پاڻي پي آءٌ پنهنجي اڃ اُجھايان ٿو. هي سڀ تنهنجي ڏمر ۽ ڪاوڙ جي ڪري ٿيو آهي، ڇوجو تو مون کي پاڻ وٽان پري اڇلائي ڇڏيو آهي.


سو منهنجا دشمن جيڪي منهنجي چوڌاري آهن، تن تي آءٌ غالب پوندس. تڏهن مقدس خيمي اندر آءٌ خوشيءَ جي نعرن سان قربانيون ڪندس. آءٌ ڳائيندي وڄائيندي خداوند جو حمد وَ ثنا ڪندس.


پر اي خداوند! تون ئي تہ چئني طرفن کان منهنجي حفاظت ڪندڙ آهين. تون ئي تہ منهنجو اهو شان آهين، جيڪو مون کي سرفراز ٿو ڪرين.


تنهنڪري آءٌ قادرِمطلق خداوند يروشلم جي نبي سڏائيندڙن جي باري ۾ چوان ٿو تہ آءٌ هنن کي کائڻ لاءِ ٽُوهہ ۽ پيئڻ لاءِ زهريلو پاڻي ڏيندس، ڇاڪاڻ تہ يروشلم جي نبي سڏائيندڙن جي وسيلي سڄي ملڪ ۾ بدڪاري پکڙجي ويئي آهي.“


يهوداہ جي بادشاهہ يهوياڪين جي قيد ٿي وڃڻ جي ستٽيهين سال، ٻارهين مهيني جي پنجويهين تاريخ تي بابل جي بادشاهہ اويل مرودڪ ولد نبوڪدنضر پنهنجي بادشاهيءَ جي پهرئين سال ۾ يهوداہ جي بادشاهہ يهوياڪين کي قيد مان آزاد ڪيو.


تڏهن عيسيٰ سندس ٻنهي پٽن کي مخاطب ٿي چيو تہ ”اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ ڇا گھري رهيا آهيو. ڇا اوهين اهو پيالو پي سگھندا جيڪو آءٌ پيئڻ وارو آهيان؟“ انهن وراڻيو تہ ”هائو، ائين ڪري سگھون ٿا.“


عيسيٰ ٻيهر پري ويو ۽ دعا گھريائين تہ ”اي منهنجا بابا! جيڪڏهن هي پيالو منهنجي پيئڻ کان سواءِ ٽري نہ ٿو سگھي تہ پوءِ ڀلي تنهنجي مرضي پوري ٿئي.“


ڇا مسيح لاءِ اهو ضروري نہ هو تہ هو هيئن تڪليفون سهي مري، تہ جيئن اچي پنهنجو شان وَ شوڪت ماڻي؟“


تنهن تي عيسيٰ پطرس کي چيو تہ ”پنهنجي تلوار ورائي مياڻ ۾ وجھہ. ڇا آءٌ اهو پيالو نہ پيئان جيڪو پيءُ مون کي پيئڻ لاءِ ڏنو آهي؟“


اهي انهيءَ کوجنا ۾ هئا تہ مسيح جو روح، جيڪو انهن ۾ هو تنهن ڪهڙي وقت ۽ حالتن ڏانهن اشارو ڪري اڳڪٿي ٿي ڪئي تہ مسيح تڪليفون سهي مرندو ۽ پوءِ عظمت حاصل ڪندو.


تڏهن خدا اُتي هڪ کڏ ۾ ڦاڙ ڪيو تہ انهيءَ منجھان پاڻي نڪري آيو. پاڻي پيئڻ کان پوءِ سمسون ۾ ساهہ پيو ۽ هو وري تازو توانو ٿي پيو. تنهنڪري انهيءَ هنڌ جو نالو عين‌هقوري پئجي ويو. اُهو اڃا تائين لحيءَ جي هنڌ وٽ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ