5 خداوند تنهنجي ساڄي پاسي آهي، هو پنهنجي غضب واري ڏينهن تي ٻين بادشاهن کي شڪست ڏيندو.
5 خداوند تنهنجي ساڄي هٿ وٽ، پنهنجي غضب جي ڏينهن بادشاهن کي ماريندو.
اي خداوند! اهي تهمتون آهن، جيڪي منهنجا مخالف مون تي هڻن ٿا. پر تون انهن ماڻهن کي اهڙو ئي بدلو ڏيئي ڇڏ.
خداوند منهنجي مالڪ بادشاهہ کي هيئن فرمايو هو تہ ”آءٌ تنهنجي دشمنن کي تنهنجي پيرن هيٺان ڪندس. تون منهنجي ساڄي پاسي ويٺو ڏس.“
آءٌ هميشہ تو کي ئي پنهنجي آڏو رکان ٿو. جيئن تہ تون مون سان گڏ آهين، سو مون کي ڪو لوڏو ڪونہ ايندو.
قادرِمطلق خدا بادشاهن کي ائين ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيو، جيئن سلمون جبل تي هوا سان برف ڪري ٿي.
جيڪي وحشين جيان ڪانن وارن ٻوڙن ۾ رهن ٿا، ۽ انهن قومن جا اڳواڻ ۽ عام ماڻهو، جيڪي جھنگلي سانَهن ۽ انهن جي ٻچن جيان آهن، تن سڀني کي تون ڇينڀ ڪڍ، جيستائين اهي اچي تو کي سجدو نہ ڪن، ۽ تو آڏو چاندي پيش نہ ڪن. اهڙين قومن کي تون ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏ، جيڪي جنگ ڪرڻ ۾ خوش ٿين ٿيون.
پنهنجي غضب مان تون ڌرتيءَ وچان لنگھي ويو هئين، ۽ پنهنجي قهر وچان تو قومن کي ڳاهي ڇڏيو هو.
انهن سان ڳالهائڻ کان پوءِ خداوند عيسيٰ آسمان ڏانهن کڄي ويو ۽ خدا جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.
پر تنهنجي دل ايڏي سخت ٿي ويئي آهي جو تون توبهہ نہ ٿو ڪرين، سو تون تہ خدا جي انهيءَ قهر واري ڏينهن واسطي پاڻ پنهنجي لاءِ غضب ميڙي گڏ پيو ڪرين، جنهن ڏينهن خدا جو پورو پورو انصاف ظاهر ٿيندو.
قومن کي ڪاوڙ لڳي ۽ تنهنجو غضب نازل ٿيو. هاڻ اهو وقت اچي ويو آهي، جڏهن مري ويلن جو انصاف ٿيندو. هائو، تنهنجا ٻانها، يعني تو خدا جو پيغام ڏيندڙ ۽ مسيح ۾ چونڊي سڀيئي پاڪ ڪيل ننڍا توڙي وڏا، جيڪي تنهنجو خوف رکن ٿا، تن کي سندن اجر ڏنو ويندو، ۽ جيڪي ڌرتيءَ کي برباد ڪن ٿا، تن کي برباد ڪيو ويندو.“