Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 110:3 - Muslim Sindhi Bible

3 تنهنجي جنگ ڪرڻ واري ڏينهن تي تنهنجا ماڻهو پاڻ کي پيش ڪندا. هائو، تنهنجا جوان پاڪيزگيءَ جي جمال سان تو وٽ پيش ٿيندا. جيئن صبح جو سوير تازگي ڏيندڙ ماڪ پوي ٿي، تيئن ئي اهي نوجوان تازگيءَ واري حالت ۾ تو وٽ ايندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 تنهنجا ماڻهو تنهنجي قدرت جي ڏينهن خوشيءَ سان پاڻ کي پيش ڪندا: تنهنجا جوان پاڪيزگيءَ جي جمال سان، ۽ صبح جي پيٽ مان نڪتل ماڪ وانگي تو وٽ آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 110:3
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهين خداوند جي نالي جي لائق سندس عظمت واکاڻيو. اوهين هيڪل ۾ اچي سندس حضور ۾ نذرانا پيش ڪريو. اوهين پاڪيزگيءَ جي حسن سان خداوند کي سجدو ڪريو.


ان کان سواءِ جن ماڻهن پنهنجي رضا خوشيءَ سان يروشلم ۾ رهڻ قبول ڪيو، تن سڀني جي واکاڻ ڪئي ويئي.


خداوند جي نالي جي لائق اوهين سندس تعريف ڪريو. سندس شان وَ شوڪت ڏسي کيس سجدو ڪريو.


اوهين پاڪيزگيءَ جي حسن سان خداوند کي سجدو ڪريو. اي ڌرتيءَ جا سڀ رهاڪؤ! اوهين هن جي آڏو ڏڪندا رهو.


هن هيڪل جا هي قاعدا قانون تون بني اسرائيل کي ٻڌاءِ جن تي عمل ڪرڻ سان جبل جي چوٽيءَ تي ٺهيل هيڪل جي چوديواريءَ واري سڄي ايراضي منهنجي لاءِ ئي مخصوص ۽ پاڪ رهندي. ياد رک، هي ئي منهنجي گھر جا قاعدا قانون آهن.“


انهن سالارن جو طاقتور لشڪر اشوري قوم کي، بلڪ نمرود نالي سندن ملڪ کي شڪست ڏيندو. هائو، جڏهن اشوري اسان جي ملڪ ۾ اچي اسان جي سرحدن ۾ پير ڄمائيندا، تڏهن خداوند انهن کان اسان کي ڇڏائيندو.


پر جڏهن پاڪ روح اوهان تي نازل ٿيندو، تڏهن اوهان کي طاقت ملندي ۽ اوهين يروشلم شهر ۾، سڄي يهوديہ ۽ سامريہ جي علائقي ۾ بلڪ سڄيءَ دنيا ۾ منهنجا شاهد ٿيندا.“


اهڙيءَ طرح مسيح بابت خدا جو پيغام بيحد پکڙبو ۽ زور وٺندو ويو.


هو پنهنجي پيءُ يعني خدا جي ساڄي پاسي ڏانهن سربلند ڪيو ويو آهي، جنهن کان واعدي ڪيل پاڪ روح وٺي هن اهو اسان تي نازل ڪيو آهي، جنهن جو اثر اوهين هاڻي ڏسو ۽ ٻڌو ٿا.


انهيءَ ڏينهن جن پطرس جي پيغام کي قبول ڪيو، سي بپتسما وٺي ايمان وارن ۾ شامل ٿي ويا. اهي اٽڪل ٽي هزار ماڻهو هئا.


جڏهن هنن اهو ٻڌو تڏهن خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳا. پوءِ چيائونس تہ ”ادا! اوهان کي خبر آهي تہ يهودين منجھان هزارين ماڻهن عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو آهي، جيڪي شريعت تي ڏاڍي جوش ۽ جذبي سان عمل ڪري رهيا آهن.


تنهن هوندي بہ پيغام ٻڌندڙن مان ڪيترن ئي عيسيٰ تي ايمان آندو. اهڙيءَ طرح ايمان وارن جو تعداد اٽڪل پنج هزار ٿي ويو.


هائو، جيتوڻيڪ هو پنهنجو پاڻ کي ڪمزور بڻائي صليب تي چڙهي ويو، تڏهن بہ خدا جي قدرت سان جيئرو آهي. ساڳيءَ طرح مسيح جا هئڻ ڪري اسين بہ ڪمزور بڻيا آهيون، پر ساڻس گڏ جيئرا رهندي اسين خدا جي قدرت سان اوهان سان واسطو رکنداسين.


جيڪڏهن ڏيڻ جي نيت هوندي تہ پوءِ جيڪي ڪجھہ بہ ڪنهن ماڻهوءَ وٽ هوندو تنهن موجب خدا سندس نذرانو قبول ڪندو، نڪي انهيءَ موجب جيڪي وٽس نہ آهي.


خدا جو شڪر آهي، جنهن طيطس جي دل ۾ بہ اوهان لاءِ اها ساڳي سرگرمي پيدا ڪئي آهي جيڪا مون ۾ آهي،


هن ئي اسان کي دنيا بڻائڻ کان اڳ مسيح ۾ شامل ٿيڻ لاءِ چونڊي ڇڏيو، تہ جيئن اسين سندس آڏو محبت ۾ پاڪ ۽ بي‌عيب هجون.


جڏهن تہ اهو خدا ئي آهي جيڪو پنهنجي نيڪ ارادي موجب اوهان ۾ ڪم ڪندو رهي ٿو، تہ جيئن اوهين سندس مرضي قبول ڪريو ۽ انهيءَ تي عمل بہ ڪريو.


ياد رکو، خدا اسان کي ناپاڪ زندگي گذارڻ لاءِ نہ، پر پاڪ زندگي گذارڻ لاءِ سڏيو آهي.


هن اسان جي خاطر پنهنجي جان ڏيئي ڇڏي، انهيءَ لاءِ تہ ان جي عيوض اسان کي هر طرح جي بڇڙائيءَ کان ڇڏائي ۽ پاڪ ڪري پنهنجي لاءِ هڪ اهڙي خاص قوم بڻائي، جيڪا نيڪ ڪم ڪرڻ ۾ سرگرم هجي.


شل سو ئي اوهان کي هر چڱي برڪت بخشي ڪامل بڻائي، تہ جيئن اوهين سندس مرضي پوري ڪريو. شل هو عيسيٰ مسيح جي وسيلي اسان سڀني ۾ اهو ڪجھہ پيدا ڪري جيڪو کيس پسند آهي. سندس عظمت جي واکاڻ هميشہ ٿيندي رهي. آمين.


انهن ڳالهين کان پوءِ ڇا ڏسان تہ هڪ وڏو ميڙ آهي، جنهن کي ڪوبہ ڳڻي نہ ٿي سگھيو! اهو هر قوم، قبيلي، ذات ۽ هر ٻوليءَ مان هو. اهي اڇو جبو پايو، کجيءَ جون ٽاريون هٿن ۾ کنيو، ان تخت ۽ گھيٽڙي جي اڳيان بيٺا هئا.


”خداوند جي واکاڻ ڪريو. جڏهن بني اسرائيل جي پيشوائن عوام جي اڳواڻي ڪئي، تڏهن ماڻهو خوش خوش ڀرتي ٿيا.


پوءِ بہ آءٌ بيحد شڪر ڪريان ٿي بني اسرائيل جي انهن سالارن ۽ سپاهين لاءِ، جيڪي پنهنجي رضا خوشيءَ سان لشڪر ۾ اچي ڀرتي ٿيا. خداوند جي واکاڻ هجي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ