Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 11:6 - Muslim Sindhi Bible

6 هو بڇڙن ماڻهن تي ٻرندڙ ٽانڊا ۽ گندرف وسائيندو، ۽ جھولي جي گرم هوا سندن مقدر بڻبي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 بڇڙن تي هو ڦندا وسائيندو؛ باهہ ۽ گندرف ۽ جهولو انهن جي پيالي جو حصو ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 11:6
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند سدوم ۽ عموراہ تي آسمان مان گندرف جي باهہ وسائي.


يوسف پاڻ وٽان هنن ڏانهن ٿالهيون ڀري موڪليون، پر بنيامين جي ٿالهيءَ ۾ ٻين کان پنجوڻو حصو هو. اهڙيءَ طرح هنن ساڻس گڏ کاڌو پيتو ۽ خوشي ملهائي.


ڦاهي هنن لاءِ زمين تي لڪائي رکي ويئي آهي، ۽ ڪوڙڪي سندن رستي ۾ اڏي ويئي آهي.


سندن گھرن کي باهہ ساڙي رک ڪري ڇڏيندي، هائو، سندن جاين تي گندرفي باهہ وسائي ويندي.


جڏهن هو پنهنجو پيٽ ڀرڻ تي هوندا، تڏهن خدا مٿن پنهنجو خوفناڪ غضب نازل ڪندو. هو انهيءَ غضب ۾ ٻڏل رهندا، ڇو تہ خدا اهو سندن مٿان مينهن وانگر وسائيندو رهندو.


هن برساتن جي بدران سندن سڄي ملڪ تي وِڄ جا شعلا نازل ڪيا ۽ مٿن خوب ڳڙا وسايائين،


اي خداوند! تون ئي منهنجي ميراث ۽ منهنجو نصيب آهين. منهنجي مستقبل جو تون ئي نگهبان آهين.


تڏهن خدا تعاليٰ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، هائو، خداوند آسمان مان گجيو.


اي سچارؤ! ڏسو، بدڪار ماڻهن جي سر تي گھڻيون ئي مصيبتون اينديون آهن، پر جن جو ڀروسو خداوند تي آهي، تن کي چوڌاري رحمتون گھيرو ڪيو ٿيون رهن.


بيشڪ خداوند جي هٿ ۾ هڪڙو اهڙو پيالو آهي، جيڪو سخت غضب واريءَ خوب گڏايل مئي سان ٽمٽار آهي. خداوند انهيءَ پيالي منجھان پاڻ اوتي ٿو، ۽ انهيءَ جو آخري قطرو بہ نچوڙي دنيا جي سڀني بڇڙن کي پيئاريو ويندو.


اي يروشلم! تو خداوند جي هٿان سندس غضب جو پيالو پيتو آهي. تو سخت نشو ڏيندڙ ڀريل پيالو پي خالي ڪيو آهي. سو هاڻ اي يروشلم! جاڳ، جاڳي پئُہ ۽ اُٿي کڙو ٿيءُ.


اوهان جو ڌڻي خداوند، هائو، اوهان جو خدا، جيڪو پنهنجي قوم جو بچاءُ ڪندڙ آهي، سو فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، آءٌ اوهان جي هٿ مان سخت نشي وارو پيالو، يعني پنهنجي غضب وارو وڏو پيالو وٺي رهيو آهيان. هاڻي اوهين اهو وري نہ پيئندا.


اهو ئي تنهنجي رهاڪن جو مقدر آهي، اهو ئي هنن جو حصو آهي، جيڪو مون سندن لاءِ مقرر ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ هنن مون کي وساري ڇڏيو آهي، ۽ باطل معبودن تي ڀروسو ڪيو اٿائون.“


آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ اهو بلڪل ائين ئي ٿيندو. اها ڀت يروشلم شهر آهي، جنهن کي آءٌ پنهنجي غضب وچان سخت طوفان موڪلي ۽ پنهنجي قهر مان تمام زوردار برساتون ۽ غضبناڪ ڳڙا موڪلي ڀڃي چٽ ڪري ڇڏيندس.


پوءِ آءٌ موتمار بيماري، خونريزي، سخت طوفاني برسات ۽ وڏن ڳڙن جي وسڪاري سان ياجوج ۽ سندس لشڪر کي سزا ڏيندس. آءٌ ياجوج، سندس لشڪر ۽ ساڻس گڏ جيڪي گھڻيون قومون هونديون، تن تي باهہ ۽ گندرف وسائيندس.


پر هاڻ توهان بہ فخر بدران شرمسار ٿيندءُ، توهان جو بہ وارو اچڻ وارو آهي، جڏهن توهان کي بہ اهڙي مئي پيئاري نشي ۾ بي‌حرمتو ڪيو ويندو. خدواند جي طرفان غصي وارو پيالو توهان ڏانهن ڦرڻ وارو آهي، ۽ خواري توهان جي فخر تي غالب ايندي.


پر جنهن ڏينهن لوط سدوم شهر کان نڪري ٻاهر ٿيو هو، تنهن ڏينهن آسمان مان باهہ ۽ گندرف جو مينهن اچي وٺو هو ۽ انهن سڀني کي ناس ڪري ڇڏيو هئائين.


تنهن تي عيسيٰ پطرس کي چيو تہ ”پنهنجي تلوار ورائي مياڻ ۾ وجھہ. ڇا آءٌ اهو پيالو نہ پيئان جيڪو پيءُ مون کي پيئڻ لاءِ ڏنو آهي؟“


جڏهن بہ القانہ قرباني ڪندو هو، تڏهن انهيءَ جي گوشت مان پنهنجيءَ زال فننہ ۽ منجھانئس ڄاول پنهنجي پٽن ۽ ڌيئرن کي هڪ هڪ حصو ڏيندو هو.


سموئيل بورچيءَ کي چيو تہ ”گوشت جو جيڪو ٽڪرو مون تو کي ڌار ڪري رکڻ لاءِ ڏنو هو سو کڻي اچ.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ