Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 109:3 - Muslim Sindhi Bible

3 سندن عداوت وارين ڳالهين مون کي وڪوڙي ڇڏيو آهي. هو بنا ڪنهن سبب جي منهنجي گلا ڪندا ٿا وتن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 اهي عداوت جي ڳالهين سان مون کي ويڙهي ويا آهن، ۽ بي سبب مون سان وڙهيا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 109:3
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن ابي‌سلوم قربانيون ادا پئي ڪيون تڏهن هن دائود جي صلاحڪار اخيتفل جِلونيءَ کي سندس شهر جِلوہ مان گھرائي ورتو. سازش وڌندي ويئي ۽ ابي‌سلوم جي پوئلڳن جو تعداد جيئن پوءِ تيئن وڌندو ويو.


هاڻ بہ انهن مون کي قدم قدم تي اچي گھيريو آهي، هو مون کي پٽ تي ڪيرائڻ لاءِ تاڙ ڪيو ويٺا آهن.


گھڻن دشمنن ويڙهاڪن ڏاندن جيان منهنجو اچي گھيرو ڪيو آهي. هائو، بسن ملڪ جي زورآور ڏاندن جيان هو مون کي وڪوڙي ويا آهن.


اي خداوند! جيڪي ناحق منهنجا دشمن بڻيا آهن، تن کي تون مون تي خوش ٿيڻ نہ ڏي، جيڪي مون سان بي‌سبب نفرت ڪن ٿا، تن کي مون تي کل ٺٺوليون ڪرڻ نہ ڏي.


اهي صلح واريون ڪي بہ ڳالهيون ڪين ٿا ڪن، بلڪ ملڪ ۾ جيڪي صلح پسند آهن، تن جي خلاف ٺڳيءَ واريون رٿون ٿا رٿين.


ڇاڪاڻ تہ هنن مون کي ڦاسائڻ لاءِ ڄار وڇايو آهي. هائو، هنن بي‌سبب مون لاءِ کڏ کوٽي آهي.


جيڪي بنا سبب مون سان دشمني رکن ٿا، سي مٿي جي وارن کان بہ گھڻا آهن. جيڪي ناحق منهنجا مخالف بڻيا آهن، سي زورآور آهن ۽ مون کي تباهہ ڪرڻ گھرن ٿا. جيڪي مون ڪڏهن چورايو ئي ڪونهي، سو هو مون کان واپس وٺڻ گھرن ٿا.


اهي سڄو ڏينهن مون کي ٻوڏ جيان گھيري ۾ رکن ٿا، ۽ هر پاسي کان مون کي وڪوڙي ويا آهن.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اسرائيل وارن مون سان هر طرف کان ڪوڙ ۽ ٺڳي ڪئي آهي، ۽ يهوداہ وارن بہ مون سچي ۽ پاڪ خدا کي ڇڏي ڏنو آهي.


دائود وڌيڪ چيس تہ ”اي منهنجا آقا! توهين ڇو پنهنجي ٻانهي جي پٺيان پيا آهيو؟ مون ڇا ڪيو آهي؟ منهنجي هٿان ڪهڙو قصور ٿيو آهي؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ