13 شال انهيءَ جو نسل بلڪل ئي ختم ٿي وڃي! شال ايندڙ پيڙهيءَ ۾ سندس نالو نشان بہ نہ هجي!
13 شل انهيءَ جو نسل تباهہ ٿي وڃي؛ ۽ سندس نالو ٻيءَ پيڙهيءَ ۾ ميٽجي وڃي.
جڏهن زمري بادشاهي ڪرڻ لڳو تڏهن تخت تي ويهڻ شرط هن بعشا جي سڄي ڪٽنب کي مارائي ڇڏيو. هن ڪنهن بہ نر کي نہ ڇڏيو، نہ سندس مائٽن مان ۽ نہ سندس دوستن مان.
اِهي يهودين جي دشمن هامان ولد همداتا جا ڏهہ پٽ هئا. پر يهودين ڦرلُٽ لاءِ پنهنجا هٿ ڪين وڌايا.
دنيا مان هنن جي يادگيري مِٽائي ويندي، سندن ڪو نالو نشان بہ نہ رهندو.
سندن رهڻ واري جاءِ ۾ ڪوبہ باقي نہ بچندو، هائو، هنن جو اولاد ۽ نسل دنيا ۾ ئي نہ رهندو.
اي بادشاهہ! تون انهن جو اولاد بني آدم مان نابود ڪري ڇڏيندين. هائو، تون ڌرتيءَ تان سندن نسل کي ئي مِٽائي ڇڏيندين.
جيتوڻيڪ هنن تنهنجي خلاف برائيءَ جو ارادو ڪيو آهي، تہ بہ هو پنهنجي انهيءَ رٿيل سازش ۾ ڪامياب ٿي نہ سگھندا.
جيئن تہ خداوند انصاف کي پسند ٿو ڪري، سو هو پنهنجي نيڪ بندن کي ڇڏي ڪين ٿو ڏئي. بيشڪ سچارن جي هميشہ حفاظت ڪئي ويندي، پر بڇڙن ماڻهن جو نسل برباد ڪيو ويندو.
نيڪ ماڻهوءَ جي نالي جو اثر مرڻ کان پوءِ بہ قائم ٿو رهي، مگر بدڪارن جو نالو جلد ميسارجي ٿو وڃي.
خداوند جو فرمان آهي تہ ”يهوياڪين جي اولاد جا نالا شاهي دفتر مان خارج ڪيا وڃن، ڄڻ تہ کيس اولاد ئي ڪونہ هو. هاڻ هو پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪڏهن بہ بادشاهي نہ ماڻيندو، نڪي سندس اولاد مان ئي ڪو دائود جو جاءِنشين بڻجي يهوداہ ۾ بادشاهي ڪندو.“
سو محض پٽ نہ هئڻ ڪري اسان جي پيءُ جو نالو سندس نسل مان ڇو نڪري وڃي؟ تنهنڪري اسان جي پيءُ جي مائٽن سان گڏ اسان کي بہ حصو ڏنو وڃي.“
تنهنڪري جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ورثي طور قبضي ۾ ڏيڻ وارو آهي، تنهن ۾ جڏهن خداوند اوهان جو خدا اوهان جي آسپاس وارن دشمنن کان اوهان کي آرام بخشي، تڏهن اوهين ڌرتيءَ تان عماليقين جو نالو نشان مِٽائي ڇڏجو. اها ڳالهہ اوهين وساري نہ ڇڏجو.“
ڇاڪاڻ تہ خداوند انهيءَ کي ڪڏهن بہ معاف ڪرڻ نہ چاهيندو. اٽلندو خداوند جو قهر ۽ سندس غيرت انهيءَ ماڻهوءَ تي اچي ڀڙڪندي، سڀ لعنتون جيڪي هن ڪتاب ۾ لکيل آهن سي انهيءَ ماڻهوءَ تي اچي پونديون ۽ خداوند انهيءَ جو نالو ڌرتيءَ تان مِٽائي ڇڏيندو.
تنهنڪري هاڻي مون کي ڇڏ تہ آءٌ انهن کي برباد ڪريان ۽ سندن نالو ڌرتيءَ تان مِٽائي ڇڏيان. آءٌ تو منجھان ئي هن کان بہ وڏي ۽ زور واري قوم پيدا ڪندس.‘
مون کيس اڳي ئي ٻڌائي ڇڏيو آهي تہ آءٌ سندس پٽن جي بدڪاري، جنهن جي کيس خبر هئي پر هن کين انهيءَ کان ڪين روڪيو، تنهن جي ڪري سندس گھراڻي کي هميشہ جي لاءِ سزا ڏيڻ وارو آهيان. سندس پٽن منهنجي غضب کي پنهنجو پاڻ سڏيو آهي.