6 تون اسان جي ٻڌ، ۽ پنهنجي زورآور هٿ سان اسان جي مدد ڪر، تانتہ اسين تنهنجا محبوب فتحياب ٿيون.
6 تون پنهنجي ساڄي هٿ سان بچاءِ ۽ اسان کي جواب ڏي، تہ تنهنجا محبوب ڇٽي پون.
سو خداوند ناتن نبيءَ جي معرفت پيغام موڪليو، جنهن انهيءَ ٻار جو نالو خداوند خاطر يديدياہ رکيو.
پوءِ اهي پنهنجي معبود جو نالو وٺي انهيءَ کي سڏين ۽ آءٌ پنهنجي معبود خداوند جو نالو وٺي انهيءَ کي سڏيندس. پوءِ جنهن جي معبود باهہ لڳائي ورندي ڏني، سو ئي حقيقي معبود آهي.“ تڏهن سڀني ماڻهن چيو تہ ”تون جيڪي چوين ٿو سو ٺيڪ آهي.“
تڏهن هنن هڪڙو ڍڳو ورتو ۽ انهيءَ کي تيار ڪيائون. پوءِ هنن صبح کان وٺي منجھند تائين پئي بعل ديوتا کي سڏيو ۽ رڙيون ڪري پئي چيائون تہ ”اي بعل! اسان کي سڏ ڏي.“ پر ڪوبہ جواب، ڪابہ ورندي ڪانہ آئي. جيڪا قربانگاهہ ٺاهي هئائون تنهن جي چوڌاري هو نچندا پئي رهيا.
شام جو قرباني ڪرڻ جي وقت تائين هو بڪ بڪ ڪندا رهيا، پر ڪوبہ جواب نہ آيو، نہ وري ڪو آواز ئي ٻڌو ويو.
اي خدا! تون پنهنجي جلال کي ظاهر ڪري مون کي بچاءِ. هائو، پنهنجيءَ قدرت سان تون منهنجو انصاف ڪر.
منهنجي دشمنن مون کي ڦاسائڻ جي لاءِ ڄار پکيڙيو آهي، جنهن ڪري مون کي بيوس ڪري ڇڏيو اٿائون. پر جيڪا کڏ هنن منهنجي راهہ ۾ کوٽي آهي، تنهن ۾ هو پاڻ وڃي ڪريا آهن.
اي خداوند! تنهنجو هٿ طاقت ۾ اعليٰ آهي، اي خداوند! تنهنجي زورآور هٿ دشمن کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪيو.
اهي اڃا مون کان دعا گھري بس ئي نہ ڪندا، تہ آءٌ کين سندن دعائن جو جواب ڏيندس.
”مون کي پڪاريو تہ آءٌ اوهان کي جواب ڏيان ۽ وڏيون ۽ ڳجھيون ڳالهيون ٻڌايان، جن جي اوهان کي خبر ئي ناهي.
اڃا هو ڳالهائي ئي پيو تہ ڇا ڏسن تہ هڪ چمڪندڙ ڪڪر اچي انهن کي ڍڪيو ۽ انهيءَ ڪڪر مان آواز آيو تہ ”هي منهنجو پيارو فرزند آهي ۽ هن مان آءٌ گھڻو خوش آهيان. اوهين هن جي ڌيان سان ٻڌو.“
پوءِ آسمان مان هڪ آواز آيو تہ ”هي منهنجو پيارو فرزند آهي ۽ آءٌ هن مان ڏاڍو خوش آهيان.“
هي خط اوهان سڀني ڏانهن آهي، جيڪي روم شهر ۾ خدا جا پيارا آهيو ۽ مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيا ويا آهيو. شل اوهان تي اسان جي پيءُ خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل ۽ سلامتي هجي.
انهيءَ لاءِ تہ سندس جلوي سان ڀريل انهيءَ فضل جي واکاڻ ٿئي، جيڪو هن پنهنجي پياري فرزند ۾ اسان کي مفت عطا ڪيو.
بنيامين قبيلي بابت هن چيو تہ ”بني بنيامين خداوند جا پيارا آهن، جيڪي وٽس سلامتيءَ سان رهن ٿا. جيئن تہ خداوند انهن منجھہ رهي ٿو، سو هو ڏينهن رات سندن حفاظت ڪندو رهي ٿو.“
تنهنڪري جيئن اوهين خدا جا چونڊيل، پاڪ ۽ پيارا آهيو، تيئن رحمدليءَ، مهربانيءَ، نِوڙت، نماڻائيءَ ۽ صبر کي پوشاڪ وانگر پهري ڇڏيو.