5 اي خدا! شل تون عرش عظيم تي سرفراز رهين، شل تنهنجو جلال سڄي جهان تي ظاهر ٿئي.
5 اي خدا تون آسمانن تي سرفراز ٿيءُ: ۽ ساريءَ زمين تي تنهنجو جلال ظاهر ٿئي.
هائو، اهي سڀ خداوند جي نالي جي واکاڻ پيا ڪن، ڇاڪاڻ تہ هن جو ئي نالو سڀني کان سرفراز آهي. سندس عظمت زمين وَ آسمان کان بلند آهي.
اي خداوند! تنهنجي قدرت جي ڪري اسين تنهنجي واکاڻ ڪنداسين. هائو، اسين گيت ڳائيندي تنهنجي عجيب ڪمن جي تعريف ڪنداسين.
اي خدا! شل تون عرش عظيم تي سرفراز رهين، شل تنهنجو جلال سڄي جهان تي ظاهر ٿئي.
شل سندس عظمت وارو نالو هميشہ تائين سڳورو رهي! شل هي سڄو جهان سندس جلوي سان ڀرپور هجي! آمين، ثم آمين.
اي خداوند، اسان جا رب! سڄي دنيا تي تنهنجو نالو ڪيڏو نہ سربلند آهي! تو پنهنجي عظمت کي آسمانن کان بہ مٿي قائم ڪيو آهي.
اهي هڪٻئي کي سڏي چون پيا تہ ”پاڪ، پاڪ، پاڪ، قادرِمطلق خداوند بلڪل پاڪ آهي، سڄي ڌرتي سندس جلال سان ڀرپور آهي.“
اسان کي آزمائش ۾ پوڻ نہ ڏي، پر جيڪڏهن آزمائش ۾ پئون تہ اسان کي بڇڙائيءَ کان بچاءِ.‘