2 ۽ پنهنجي سارنگي ۽ دنبوري کي بہ جاڳائيندس. هائو، آءٌ پرهہ ڦٽيءَ جو اُٿي گيت ڳائيندس.
2 اي منهنجا تنبورا ۽ بربط اوهين جاڳو آءٌ پاڻ سويرو اُٿندس.
اي خداوند جي سڄي خلقت! انهيءَ جي واکاڻ ڪر، انهيءَ جي پوري بادشاهت ۾، هائو، هر هنڌ کيس سڳورو چئُہ. آءٌ بہ دل وَ جان سان خداوند جي واکاڻ ڪريان ٿو.
اوهين سارنگي وڄائيندي خداوند جو شڪرانو ڪريو. اوهين ڏهن تارن واري دنبوري تي انهيءَ جي واکاڻ ڳايو.
آءٌ ننڊ مان اُٿي کڙو ٿيندس، ۽ پنهنجي سارنگي ۽ دنبوري کي بہ جاڳائيندس. هائو، آءٌ پرهہ ڦٽيءَ جو اُٿي تنهنجا گيت ڳائيندس.
آءٌ گيت ڳائيندي خدا جي نالي جي واکاڻ ڪندس، ۽ شڪرگذاريءَ سان انهيءَ جي تعظيم بيان ڪندس.
اوهين گيت ڳائڻ شروع ڪريو، ۽ خوشيءَ مان دڦ وڄايو، ۽ مٺڙي آواز وارا دنبورا ۽ سارنگيون وڄايو.
هنن اسان کي سڏيندي چيو تہ ’جاڳ، اي دبورہ! جاڳ، اچ ۽ ڳاءِ ڪو راڳ! اُٿ، اي برق! اُٿ، اي ابينوعم جا پٽ! اُٿ! هل، تون پنهنجي دشمنن کي قيد ڪرڻ لاءِ هل!‘