Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 107:4 - Muslim Sindhi Bible

4 اوهان مان ڪي ويران بيابان ۾ پئي رُليا، جتان کين رهڻ لاءِ ڪنهن شهر جو رستو بہ ڪونہ پئي مليو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 اهي رڻ پٽ جي رستي تي بيابان ۾ پئي رُليا، ۽ ڪوبہ شهر رهڻ لاءِ نٿي ملين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 107:4
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو ڌرتيءَ جي قومن جي سردارن جو عقل کسي ٿو وٺي، ۽ کين اهڙي بيابان ۾ ٿو رلائي، جتي ڪو چارو ئي ڪونهي.


تڏهن خدا مٿن ظلم ڪرڻ وارن کي ذليل وَ خوار ڪري ٿو، ۽ کين اهڙي رڻ ۾ رلائي ٿو جتي ڪابہ واهہ ناهي.


هائو، آءٌ بلڪل اهڙيءَ طرح سندن سار سنڀال لهندس جيئن ڪو ڌنار پنهنجي ٽڙي پکڙي ويل رڍن ٻڪرين کي وري آڻي گڏ ڪندو آهي. آءٌ پنهنجي رڍن ٻڪرين کي انهن سڀني جاين تان آڻي وري گڏ ڪندس، جن جاين ڏانهن اهي اونداهي ۽ مصيبت واري ڏينهن ڇڙوڇڙ ٿي ويون هيون.


سو منهنجيون رڍون ٻڪريون هر پهاڙ ۽ اوچي ٽڪر تي رلنديون رهيون. هائو، منهنجيون رڍون ٻڪريون سڄيءَ دنيا ۾ ڪڻو ڪڻو ٿي ويون. مگر اهڙو ڪوبہ ڪونہ هو جيڪو انهن کي ڳولي يا پٺيان پئي کين هٿ ڪري.


اوهان جا ٻار چاليهن سالن تائين هن بيابان ۾ پنهنجي رڍن ٻڪرين سان پيا رلندا. هو اوهان جي بي‌اعتقاديءَ جو ڪيتو پيا لوڙيندا، جيستائين اوهين سڀ مري کپي وڃو.


سو خداوند کي بني اسرائيل تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽ هن کين چاليهہ سال بيابان ۾ هيڏانهن هوڏانهن رلايو جيستائين انهيءَ پيڙهيءَ جا سڀ ماڻهو جن خداوند جي نظر ۾ برائي ڪئي هئي، سي مري کپي نہ ويا.


خداوند هنن کي اهڙي رڻ‌پٽ ۾ لڌو هو، جيڪو سڃو سکڻو ۽ خوفائتو هو. تڏهن هن هر طرح سان سندن سار سنڀار لڌي، ۽ اک جي ماڻڪيءَ جيان سندن حفاظت ڪيائين.


هن انهيءَ وڏي ۽ خوفناڪ بيابان ۾ اوهان جي رهنمائي ڪئي، جتي زهريلا نانگ ۽ وڇون هئا. انهيءَ خشڪ ۽ ٺوٺ زمين ۾ هن اوهان جي لاءِ سخت ٽڪريءَ مان پاڻي ڪڍيو.


بيابانن ۽ جبلن ۾ ڀٽڪندا رهيا ۽ غارن ۽ زمين جي چُرن ۾ لڪندا رهيا. هيءَ دنيا انهن جي رهڻ لائق نہ هئي.


جڏهن تہ عورت پاڻ بچائي بيابان ڏانهن هلي ويئي، جتي خدا هن جي لاءِ هڪ جاءِ تيار ڪري ڇڏي هئي، تہ جيئن اُتي هڪ هزار ٻہ سؤ سٺ ڏينهن تائين سندس سار سنڀال ٿي سگھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ