Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 107:3 - Muslim Sindhi Bible

3 هائو، هن اوهان کي اوڀر توڙي اولهہ مان، اتر توڙي ڏکڻ مان، يعني سڀني ملڪن مان ڪڍي اوهان جي وطن ۾ آڻي گڏ ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 ۽ انهن کي ملڪ ملڪ مان، يعني اُڀرندي مان، ۽ اُلهندي مان، ۽ اُتر مان، ۽ ڏکڻ مان آڻي گڏ ڪيو اٿس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 107:3
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خداوند اسان جا خدا! اسان کي بچاءِ. اسان کي ڌارين قومن مان ڪڍي پنهنجي وطن ۾ آڻي گڏ ڪر، تان‌تہ اسين تنهنجو شڪر ادا ڪندا رهون، ۽ تنهنجي نالي جي حمد وَ ثنا تي فخر پيا ڪريون.


ڏسو، منهنجي قوم جا ماڻهو تمام پري کان ايندا، ڪي اتر کان ايندا تہ ڪي اولهہ کان، ۽ ڪي وري مصر جي ڏکڻ واري علائقي اسوان کان ايندا.“


”مون تو کي هڪڙي لحظي لاءِ ڇڏي ڏنو هو، پر هاڻ گھڻيءَ ٻاجھہ سان آءٌ تو کي وري پنهنجي سيني سان لائيندس.


خداوند خدا، جيڪو بني اسرائيل جي جلاوطن ٿيلن کي وري وطن ۾ آڻي گڏ ٿو ڪري، سو فرمائي ٿو تہ ”آءٌ غير قوم وارن کي بہ پنهنجي قوم ۾ آڻي اوهان سان گڏ ڪندس.“


هائو، آءٌ اوهان سان راضي ٿيندس ۽ اوهان جي خوشحالي بحال ڪندس. آءٌ انهن سڀني قومن مان ۽ انهن سڀني هنڌن کان، جن ڏانهن مون اوهان کي هڪالي ڪڍي ڇڏيو هو اوهان کي موٽائي پنهنجي وطن ۾ آڻيندس. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.‘


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي قومون! اوهين منهنجي ڳالهہ ٻڌو، ۽ ڏورانهن ساحلي علائقن ۾ وڃي اهو اعلان ڪريو تہ ’جنهن خداوند بني اسرائيل کي ڪڻو ڪڻو ڪيو سو ئي کين وري گڏ ڪندو، ۽ انهن جي ائين سنڀال ڪندو، جيئن ڪو ڌنار پنهنجي ڌڻ جي سنڀال ڪندو آهي.‘


ڏسو، آءٌ هنن کي اتر طرف کان موٽائي آڻيندس، بلڪ دنيا جي ڪنڊڪڙڇ کان آڻي کين گڏ ڪندس. انهن منجھہ انڌا ۽ منڊا هوندا، پيٽ واريون ۽ ويم جي سورن واريون عورتون پڻ شامل هونديون. هائو، هڪ وڏو هجوم موٽي ايندو.


منهنجو قهر تڏهن نازل ٿيندو جڏهن آءٌ پنهنجي زورآور هٿ ۽ وڏيءَ قدرت سان اوهان کي قومن منجھان ڪڍي ايندس. هائو، جن ملڪن ۾ اوهين ڇڙوڇڙ ڪيا ويا هئا، اتان آڻي اوهان کي گڏ ڪندس.


آءٌ اوهان کي هر قوم ۽ هر ملڪ منجھان ڪڍي موٽائي آڻي اوهان جي وطن ۾ آباد ڪندس.


جڏهن آءٌ بني اسرائيل کي غير قومن ۽ دشمن ملڪن مان موٽائي سندن وطن ۾ آڻيندس، تڏهن گھڻين ئي قومن آڏو منهنجي پاڪيزگي ظاهر ٿيندي.


تہ پوءِ خداوند اوهان جو خدا اوهان جي خوشحالي بحال ڪندو. هو اوهان تي رحم ڪندو ۽ جن جن قومن ۾ خداوند اوهان جي خدا اوهان کي دربدر ڪيو هوندو، تن سڀني مان اوهان کي موٽائي آڻي گڏ ڪندو.


گھيٽڙي جي پيرن تي ڪرندي ئي اهي هڪڙو نئون گيت ڳائڻ لڳا تہ ”تون ئي اهو ويڙهوٽو وٺڻ ۽ انهيءَ جي مُهرن کي ٽوڙڻ جي لائق آهين، ڇاڪاڻ تہ تون ڪُٺو ويو هئين، ۽ تو پنهنجي رت سان سڀ ڪنهن قوم، قبيلي، ٻوليءَ ۽ ذات منجھان ماڻهن کي خدا جي لاءِ خريد ڪيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ