اوهين انهن سڀني قومن کي جيڪي خداوند اوهان جو خدا اوهان جي حوالي ڪندو، نابود ڪري ڇڏجو. اوهين انهن تي ڪوبہ قياس نہ ڪجو، نڪي انهن جي معبودن جي پوڄا ڪجو. ائين نہ ٿئي جو اهي اوهان جي لاءِ ڦندو ثابت ٿين.
خداوند بني يهوداہ سان گڏ هو، سو هنن جابلو علائقي تي قبضو ڪري ورتو. پر هو ميداني علائقي جي ماڻهن کي اتان ڪڍي نہ سگھيا، ڇوجو انهن وٽ لوهہ جون جنگي گاڏيون هيون.