Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 106:10 - Muslim Sindhi Bible

10 عداوت رکڻ وارن جي هٿان هن کين بچايو. هائو، سندن مصري دشمنن جي هٿان کين ڇڏايائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 هن انهن کي عداوت رکڻ واري جي هٿان بچايو، ۽ کين دشمن جي هٿان ڇڏايائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 106:10
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تو انهن جي اڳيان سمنڊ کي چيريو، ۽ هو انهيءَ جي وچ مان سڪيءَ زمين تي هلندا پار نڪري آيا. پر تو هنن جي پٺيان پوڻ وارن کي ائين سمنڊ جي تري ۾ اڇلائي وڌو، جيئن ڪو پٿر کڻي اونهي پاڻيءَ ۾ اڇلائبو آهي.


اوهين، جن کي خداوند بچايو آهي سي ائين چوندا رهو، ڇاڪاڻ تہ هن اوهان کي اوهان جي دشمنن هٿان ڇڏايو آهي.


انهيءَ جو شڪرانو ادا ڪريو، جنهن اسان کي دشمنن کان ڇڏايو، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي.


سو اسين هر وقت تو خدا تي فخر ڪندا ٿا رهون. هائو، اسين هميشہ تنهنجي نالي جي ئي واکاڻ ٿا ڪريون.


اهڙيءَ طرح خداوند انهيءَ ڏينهن بني اسرائيل کي مصرين جي هٿان بچايو ۽ بني اسرائيل مصرين کي سمنڊ جي ڪناري تي مئل ڏٺو.


جن کي تو ڇڏايو هو تن جي تو دائمي ٻاجھہ سان رهبري ڪئي، تو پنهنجي طاقت سان کين پنهنجي مقدس جاءِ اندر پهچايو.


آءٌ تہ اوهان کي مصر ملڪ مان بچائي ڪڍي آيس، جتي اوهين غلام هئا. مون اوهان جي رهنمائي ڪرڻ لاءِ موسيٰ، هارون ۽ مريم کي اوهان لاءِ مقرر ڪيو.


اهو بہ ياد ڪريو، جيڪو هن مصر جي لشڪرن سان ۽ سندن گھوڙن ۽ جنگي گھوڙي گاڏين سان ڪيو. جڏهن اهي اوهان جي پٺيان ڪاهي آيا، تڏهن ڪيئن نہ خداوند ڳاڙهي سمنڊ جو پاڻي مٿن اڇلائي وڌو ۽ کين اهڙو ٻوڙي ماريائين جو اڄ ڏينهن تائين مصري انهيءَ شڪست مان بحال نہ ٿيا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ