Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 106:1 - Muslim Sindhi Bible

1 خداوند جي واکاڻ ڪريو ۽ سندس ٿورا مڃيو، ڇاڪاڻ تہ هو ڀلو آهي ۽ سندس شفقت هميشہ جي لاءِ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 خداوند جي تعريف ڪريو، خداوند جا ٿورا مڃيو؛ ڇو جو هو نيڪ آهي: ۽ هن جو رحم هميشہ تائين آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 106:1
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهين خداوند جا ٿورا مڃيو، ڇاڪاڻ تہ هو ڀلو آهي ۽ سندس شفقت هميشہ جي لاءِ آهي.


انهن سان گڏ هيمان ۽ يدوتون ۽ باقي ٻيا جيڪي چونڊيل هئا، سي بہ خداوند جي دائمي رحمت جي ڪري سندس تعريف جا گيت ڳائن.


هنن خداوند جي واکاڻ ۽ شڪرگذاري ڳائيندي چيو پئي تہ ”خداوند ڀلو آهي، بني اسرائيل مٿان هن جي شفقت هميشہ جي لاءِ آهي.“ تڏهن سڀني ماڻهن وڏي واڪي خداوند جي ثنا ڪئي، ڇاڪاڻ تہ ان وقت خداوند جي گھر جو بنياد وڌو پئي ويو.


پر جيڪي خداوند جو خوف رکن ٿا، تن تي ازل کان وٺي ابد تائين سندس رحمت وسي ٿي. هن جي ڀلائي سندن اولادن جي اولادن تي پڻ هلندي اچي ٿي،


اوهين خداوند جو شڪر ڪريو ۽ سندس نالو پڪاريو. اوهين سندس ڪمن کي قومن منجھہ بيان ڪندا رهو.


خدا هي سڀ انهيءَ لاءِ ڪيو، تہ جيئن سندس قوم سندس قاعدن قانونن ۽ حڪمن تي عمل ڪري. خداوند جي واکاڻ ڪريو.


”اسين خداوند جو شڪر ڪريون ٿا، ڇوجو هو ڀلو آهي ۽ سندس رحم هميشہ تائين قائم آهي.“


خداوند جو شڪرانو ڪريو، ڇاڪاڻ تہ هو ڀلو آهي. سندس رحم ابد تائين قائم آهي.


بيشڪ تون ڪيڏو نہ ڀلو ۽ ٻاجھارو آهين! اي خداوند! تون مون کي پنهنجا قاعدا قانون سيکار.


خداوند جي واکاڻ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ خداوند ڀلو آهي. سندس نالي جي ساراهہ ڳايو، ڇاڪاڻ تہ هو ٻاجھارو آهي.


اوهين خداوند جو شڪرانو ادا ڪريو، ڇوجو اهو ڀلو آهي، ۽ انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي.


عيسيٰ وراڻيس تہ ”تون مون کان چڱي ڪم بابت ڇو ٿو پڇين؟ چڱو تہ رڳو خدا ئي آهي. جيڪڏهن تون دائمي زندگي حاصل ڪرڻ گھرين ٿو تہ ان جي حڪمن تي عمل ڪر.“


هر حالت ۾ شڪر ڪريو، ڇاڪاڻ تہ عيسيٰ مسيح ۾ اوهان لاءِ خدا جي اها ئي مرضي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ