3 اوهين هن جي پاڪ نالي تي فخر ڪندا رهو، ڀل تہ انهن سڀني جون دليون خوش ٿين، جيڪي خداوند جا طالبو آهن.
3 هن جي پاڪ نالي تي فخر ڪريو: خداوند جي طالبن جون دليون خوش ٿين.
شل منهنجا هي خيال کيس پسند اچن! ڇاڪاڻ تہ اهو خداوند ئي آهي جنهن کان مون کي خوشي ملي ٿي.
هائو، آءٌ خداوند جي واکاڻ ڪندو رهندس. جيڪي بہ ڏکايل آهن سي اها ٻڌي خوش ٿيندا.
جيڪي بہ تنهنجي نالي کان واقف آهن، سي تو تي توڪل ٿا رکن، ڇاڪاڻ تہ جيڪي تنهنجا طالبو آهن، تن کان تون ڪڏهن بہ منهن نہ ٿو موڙين.
جيڪي مون سان محبت ٿا رکن، تن سان آءٌ بہ محبت رکان ٿي. جيڪي دل سان منهنجي ڳولا ٿا ڪن، سي ئي مون کي حاصل ڪن ٿا.
مون نڪي ڳجھہ ڳوهہ ۾، ۽ نہ وري ڌرتيءَ جي ڪنهن اونداهيءَ جاءِ مان، بلڪ کُليو کُلايو ڳالهايو آهي. مون يعقوب جي نسل کي ڪين چيو آهي تہ ’اوهين منهنجي ڳولا ڪنهن ويران بيابان ۾ ڪريو.‘ آءٌ خداوند سچ ٿو ڳالهايان، آءٌ سچائيءَ جون ڳالهيون بيان ٿو ڪريان.“
بني اسرائيل جي سڄي نسل کي آءٌ فتح ۽ ڪاميابي بخشيندس. اهي مون خداوند تي ئي فخر ڪندا.“
جيڪي خداوند تي توڪل ٿا رکن ۽ سندس ئي طالبو آهن، تن سڀني تي هو ڏاڍو مهربان آهي.
مطلب تہ ڪوبہ انسان خدا جي آڏو پاڻ تي فخر نہ ڪري.
جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪو فخر ڪرڻ چاهي ٿو، سو خداوند تي فخر ڪري.“
پر خدا نہ ڪري جو آءٌ ڪنهن ٻيءَ ڳالهہ تي فخر ڪريان، سواءِ پنهنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي صليب جي. هن جي صليب واري موت سان دنيا منهنجي لاءِ مري چڪي آهي ۽ آءٌ دنيا جي لاءِ.