4 هوائن کي تون پنهنجو پيغام پهچائيندڙ ٿو بڻائين، ۽ وڄ جي تجلن کي پنهنجو خادم ٿو بڻائين.
4 تون پنهنجن فرشتن کي هوا وانگر ٿو بنائين؛ ۽ پنهنجن خادمن کي باهہ جا شعلا:
جيئن هو ڳالهائيندا ۽ هلندا ٿي هليا، تيئن اوچتو ئي اوچتو باهہ جي هڪڙي گاڏي ۽ باهہ جا گھوڙا ظاهر ٿيا، جن هنن ٻنهي کي هڪٻئي کان ڌار ڪري ڇڏيو ۽ الياس هڪڙي واچوڙي ۾ آسمان ڏانهن کڄي ويو.
پوءِ اليشع دعا گھرندي چيو تہ ”اي خداوند! مهرباني ڪري هن جون اکيون کول تہ هي ڏسي.“ تڏهن خداوند انهيءَ خدمتگار جون اکيون کوليون ۽ هن ڇا ڏٺو تہ اليشع جي چوڌاري وارو ٽڪر سندس حفاظت لاءِ باهہ جي گھوڙن ۽ گاڏين سان ڀريو پيو آهي.
اوهين بہ اي وڄ ۽ ڳڙؤ! ۽ اي برف ۽ ڪوهيڙؤ! اوهين بہ اي واچوڙؤ! جيڪي سندس حڪم تي عمل ٿا ڪريو.
انهن ساهوارن مان باهہ جا ٽانڊا يا اولانبا هڪٻئي ڏانهن اهڙيءَ طرح چمڪندي ڏسڻ ۾ ٿي آيا جو ڄڻ وڄ جا شعلا چمڪو ڏيئي رهيا هجن.
ان ملائڪ مون کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”اهي چار آسماني هوائون آهن، جيڪي رب العالمين جي حضوريءَ مان نڪتيون ٿيون اچن.
اهو انهيءَ ڪري ٿيو جو صدوقي نہ ملائڪن کي مڃيندا آهن، نڪي روحن کي ۽ نہ ئي وري جيئري ٿيڻ کي، جڏهن تہ فريسي اهي سڀ ڳالهيون مڃيندا آهن.
ڇا اهي سڀ ملائڪ عبادت ڪندڙ روح نہ آهن، جيڪي ميراث طور ڇوٽڪاري حاصل ڪندڙن جي خدمت لاءِ موڪليا وڃن ٿا؟
ملائڪن جي باري ۾ هو فرمائي ٿو تہ ”آءٌ پنهنجي ملائڪن کي هوائون، بلڪ پنهنجي انهن خادمن کي باهہ جا شعلا ٿو بڻايان.“