34 شل منهنجا هي خيال کيس پسند اچن! ڇاڪاڻ تہ اهو خداوند ئي آهي جنهن کان مون کي خوشي ملي ٿي.
34 شل منهنجا خيال کيس پسند اچن: آءٌ خداوند ۾ خوش رهندس.
هو شام جو ٻنين ۾ پنهنجي خيال ۾ گھمي رهيو هو تہ اٺن کي ايندو ڏٺائين.
اُٽلندو هنن کي خداوند جي شريعت تي عمل ڪرڻ سان خوشي ملي ٿي. اهي ڏينهن توڙي رات سندس ئي شريعت تي ڌيان ٿا لڳائين.
اوهين هن جي پاڪ نالي تي فخر ڪندا رهو، ڀل تہ انهن سڀني جون دليون خوش ٿين، جيڪي خداوند جا طالبو آهن.
مون تنهنجي شريعت کي پنهنجي لاءِ ابدي ميراث بڻايو آهي، ڇاڪاڻ تہ تنهنجا احڪام منهنجي دل جي خوشي آهن.
مون تنهنجي شريعت تي دل وَ جان سان عمل ڪيو آهي، ڇوجو آءٌ تنهنجي انهن احڪامن سان بيحد پيار ڪريان ٿو.
سو خداوند جي ڪم کان سرها ٿيو ۽ خوشي ڪريو. هائو، اوهين جيڪي دل جا سچا آهيو سي خوشيون ملهايو.
تڏهن اي خداوند! تنهنجي انهيءَ ڪرم ڪري آءٌ سَرهو ۽ خوش ٿيندس. هائو، جڏهن تون مون کي دشمنن کان بچائيندين، تڏهن آءٌ بيحد خوشيون ڪندس.
آءٌ تنهنجي سڀني ڪمن تي غور ٿو ڪريان، بيشڪ آءٌ تنهنجي عظيم ڪمن تي ويچار ڪريان ٿو.
تنهنجي ڪري آءٌ سرهو ٿيندس ۽ خوشيون ملهائيندس، اي خدا تعاليٰ! آءٌ تنهنجي نالي جي واکاڻ پيو ڳائيندس.
هائو، آءٌ پنهنجي خدا کان خوش آهيان، جيڪو هر ڳالهہ ۾ منهنجو بچائيندڙ آهي.
خداوند عيسيٰ ۾ اوهين هر وقت خوش رهو. آءٌ وري بہ چوان ٿو تہ خوش رهو.
مون اهو ننڍڙو ويڙهوٽو ملائڪ کان وٺي کائي ڇڏيو. منهنجي وات ۾ تہ اهو ماکيءَ جهڙو مٺو لڳو، پر جڏهن کائي بس ڪيم تہ منهنجو پيٽ ڪؤڙو ٿي پيو.