Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 104:2 - Muslim Sindhi Bible

2 تو نور کي پنهنجي مٿان پوشاڪ وانگر پهريو آهي. تو آسمان کي ڇپر وانگر پکيڙي ڇڏيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 تون نور کي پوشاڪ وانگر ٿو پهرين: ۽ آسمان کي پردي وانگي ٿو پکيڙين:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 104:2
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهو ئي آهي جيڪو اڪيلي سر آسمانن کي پکيڙي ٿو، ۽ سمنڊ جي ڇولين کي پنهنجي مٺ ۾ رکي ٿو.


هي سڀ انهيءَ ئي جوڙيو آهي، جيڪو زمين وَ آسمان کان مٿي پنهنجي تخت تي ويٺو آهي. هيٺ زمين جا رهاڪو کيس ڪِولين جيترا ننڍڙا نظر اچن ٿا. هو اهو ئي آهي جيڪو آسمان کي پردي وانگر تاڻي ٿو، ۽ رهڻ لاءِ تنبوءَ وانگر انهيءَ کي پکيڙي ٿو.


آءٌ ئي آهيان جنهن ڌرتيءَ کي جوڙيو آهي، ۽ انهيءَ تي رهڻ لاءِ انسانذات کي پيدا ڪيو اٿم. مون ئي، هائو، منهنجي ئي هٿن آسمانن کي تاڻيو آهي، ۽ سج، چنڊ ۽ تارن مٿان منهنجو ئي حڪم هلي ٿو.


منهنجي ڏسندي ڏسندي هيئن ٿيو جو هڪدم تخت وڇايا ويا، ۽ هڪ ازلي هستي اچي پنهنجي تخت تي ويٺي. ان جي پوشاڪ نوراني هئي، ۽ سندس مٿي جا وار اڇا کير جهڙا هئا. ان جو تخت باهہ جي شعلي جيان هو، جنهن جا ڦيٿا ٻرندڙ باهہ جيان هئا.


هن جو نور سج جي روشنيءَ جيان آهي، سندس هٿ مان تجلا پيا نڪرن، جنهن ۾ هن جي قدرت لڪل آهي.


بني اسرائيل بابت خداوند جو هي پيغام آهي. اهو خداوند، جنهن آسمان کي پکيڙيو آهي، زمين جو بنياد وڌو اٿس ۽ انسان جي اندر روح ڦوڪيو اٿس، سو فرمائي ٿو تہ


اتي هنن جي ڏسندي ڏسندي عيسيٰ جي صورت بدلجي پيئي. هن جو منهن سج وانگر چمڪڻ لڳو ۽ سندس پوشاڪ اڇي تجليدار ٿي پيئي.


رڳو اهو ئي بقا وارو آهي ۽ هو انهيءَ روشنيءَ ۾ ٿو رهي، جنهن تائين ڪوبہ پهچي نہ ٿو سگھي. هن کي نہ ڪنهن ماڻهوءَ ڏٺو آهي ۽ نہ ڪو ڏسي ٿو سگھي. شل انهيءَ خدا جي عزت ٿيندي رهي ۽ سندس قدرت هميشہ تائين قائم رهي. آمين.


هاڻي جيڪو پيغام اسان عيسيٰ مسيح کان ٻڌو آهي، سو اوهان کي ٻڌايون ٿا تہ ”خدا روشني آهي ۽ منجھس اوندهہ تہ اصل آهي ئي ڪانہ.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ