7 هن پنهنجين راهن کي موسيٰ آڏو ظاهر ڪيو، ۽ پنهنجي عجيب ڪمن کي بني اسرائيل آڏو پڌرو ڪيائين.
7 هن پنهنجون واٽون موسيٰ کي ڏيکاريون، ۽ پنهنجا ڪم بني اسرائيل تي پڌرا ڪيا.
تو انهن کي پنهنجي پاڪ سبت جي ڄاڻ ڏني، ۽ کين پنهنجي ٻانهي موسيٰ جي معرفت حڪم ۽ شرعي قاعدا قانون ڏنا.
جيتوڻيڪ خدا مصر ملڪ ۾ هنن لاءِ عجيب وَ غريب ڪم ڪيا، ۽ ڳاڙهي سمنڊ تي پڻ سندن لاءِ هيبتناڪ ڪم ڪيائين، تنهن هوندي بہ هنن کيس وساري ڇڏيو.
هن پنهنجي قدرت وارا ڪم پنهنجي قوم کي ظاهر ڪري ڏيکاريا، جڏهن هن ڌارين قومن جي زمين کين عطا ڪئي.
هن بني يعقوب کي پنهنجو فرمان عطا ڪيو آهي، هائو، بني اسرائيل تي پنهنجا قاعدا قانون پڌرا ڪيا اٿس.
جيئن ڪو ڌنار پنهنجي ڌڻ جي رهبري ڪري ٿو، تيئن تو موسيٰ ۽ هارون جي وسيلي پنهنجي قوم جي رهنمائي ڪئي آهي.
خدا جيڪي ڪم ڪيا هئا سي بہ هنن وساري ڇڏيا، هائو، انهن معجزن کي بہ جيڪي هن کين ڏيکاريا هئا.
هن بني يعقوب لاءِ پنهنجا قاعدا مقرر ڪيا آهن، هائو، بني اسرائيل ۾ پنهنجي شريعت قائم ڪئي اٿائين. هن اسان جي ابن ڏاڏن کي فرمايو تہ ”اهي ڳالهيون پنهنجي اولاد کي سيکارجو،
خداوند ڪڪر جي ٿنڀي منجھان ساڻن ڳالهائيندو هو. هن کين جيڪي قاعدا قانون ڏنا تن تي هنن عمل ڪيو.
پوءِ خداوند سينا جبل جي چوٽيءَ تي لهي آيو ۽ موسيٰ کي جبل جي چوٽيءَ تي سڏيائين. سو موسيٰ مٿي چڙهي ويو.
تنهن تي سڀني ماڻهن گڏجي ورندي ڏني تہ ”جيڪي خداوند فرمايو آهي سو سڀ اسين ڪنداسين.“ موسيٰ ماڻهن جو اهو جواب خداوند کي ٻڌائڻ ويو.
پر تڏهن بہ ماڻهو پري ئي بيٺا رهيا ۽ موسيٰ پاڻ انهيءَ گھاٽي ڪڪر جي ويجھو ويو، جنهن ۾ خدا هو.
سو منهنجو عرض آهي تہ جيڪڏهن تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي آهي تہ هاڻي مون کي پنهنجي راهہ ڏيکار، تہ جيئن آءٌ تنهنجي خدمت ڪندو رهان ۽ تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي هميشہ رهي. اهو خيال پڻ رک تہ هيءَ قوم تنهنجي ئي آهي.“
پر آءٌ پنهنجي ٻانهي موسيٰ سان ائين نہ ڳالهائيندو آهيان. اهو ئي تہ منهنجي سڄي گھراڻي ۾ امانتدار آهي.
انهيءَ وقت کان وٺي بني اسرائيل ۾ موسيٰ جهڙو نبي پيدا ڪونہ ٿيو، جنهن سان خداوند روبرو ملاقات ڪئي.